Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

ڪيو ويندو هو * ڇهڻ جي بيماري عام هئي * ڪو حقير قوم يا پيشي جو ماڻهو ڪنهن شيءِ کي ڇهندو هو ته وڏي قوم وارا ان شيءِ کي استعمال ڪرڻ حرام سمجهندا هئا * غريبن سان گڏ ويهڻ * انهن سان گڏ کائڻ * انهن جي هٿان شيون وٺڻ ڏيڻ وغيره سخت ناپسند ڪيو ويندو هو * جيڪڏهن ڪو غريب ڪٿي ويٺو هوندو هو ۽ ان جي ويجهو ويهي ڪري کاڌو کائڻو پئجي ويندو هو ته وچ ۾ پردو لٽڪايو ويندو هو ته جيئن ان جي نگاھ به کاڌي تي نه پئجي * ظلم ۽ سِتم عام هو * غريب ويچارا ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا * مختلف بيهوده رسمون ۽ ظالماڻا رواجَ (Cruel Customs) معاشري جا لازمي حصا بڻجي چڪا هئا.

    اهڙي خراب معاشري (Society) ۾ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف وٺي آيا ۽ ڏينهن رات محنت ڪري معاشري جو رنگ بدلي ڇڏيائون، هند جيڪو ڪفرستان هو، اتان جي رهاڪن کي دين جي تعليمات ڏئي ڪري عدل ۽ انصاف (Justice)، اسلامي برابري (Equality)، عاجزي ۽ انڪساري (Humility)، اخلاص ۽ رضا ۽ خوف ۽ خشِيّت جهڙن اعلٰي وصفن جو مالِڪ بڻائي ڇڏيو. هي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ئي آهن، جنهن هند ۾ قدم رکندي ئي انقلاب آندو ۽ هڪ پاڪيزه ۽ مثالي معاشري (Ideal Society) جو بنياد رکيو. ان دور جي ڪنهن شاعر لکيو آهي:

ہَمَہ غافِل اَزْ حُکْمِ دِین و شَرِیْعت                                                                     ہَمَہ بےخَبَر اَزْ خُدا و پیمبر

نَہ ہر گِز کسے دِیْد مِنْجَارِ قِبْلہ                                                                               نَہ ہرگِز شُنِیْدَہ کَسِ اللہ اَکْبَر

اَزْ فَیْضِ اُو بَجَائے صَلِیْب و کَلِیْسَا                                                                 دَرْ دارِ کُفْر مَسْجِد و مِحْرَاب و مِنْبَر است

شعرن جو مفهوم: ماڻهو دين ۽ شريعت کان غافل، الله ۽ ان جي رسول کان بي خبر هئا، نه ڪنهن ڪعبو ڏٺو هو، نه ڪنهن الله اڪبر جو آواز ٻڌو هو، هيءُ انهيءَ (خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ) جو فيضان آهي جو ان ڪفرستان ۾ مسجدون آباد ڪيون، ۽ محراب ۽ منبر مان حق جون صدائون گونجي رهيون آهن.