Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

قرآنِ ڪريم جي پهرين ئي سورة يعني سورة فاتحه ۾ اسان کي هڪ دعا سيکاري وئي آهي:

اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ ۙ(۵)صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ ۙ۬

ترجموڪنزالعرفان: اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو احسان ڪيو.

(سيپارو: 1، سورة فاتحه: 5_6)

   هن ۾ اسان کي سيکاريو ويو آهي ته اسان احسان ڪيل ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي دعا ڪيون، هي احسان ڪيل ڪير آهن؟ ان جي باري ۾ سلطانُ المُفسرين، صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: انهن احسان ڪيلن ۾ ملائڪ به شامل آهن، (تفسیر طبری،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،زیرِ آیت:6 ،جلد:1،صفحہ:106۔) ڄڻ اسان هي دعا ڪندا آهيون ته اي ربِّ ڪريم! اسان کي ملائڪن جهڙيون صفتون (Qualities) نصيب ڪر ۽ انهن جيان سُٺا سُٺا ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

  ملائڪ ڪهڙا ڪم ڪندا آهن؟ انهن جون صفتون ڪهڙيون آهن؟ ملائڪن جون تمام گهڻيون صفتون آهن، انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته ملائڪَ اولياءِ ڪرام سان، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن سان محبت ڪندا آهن. جي ها! قرآنِ ڪريم ۾ آهي، ملائڪَ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کي چوندا آهن:

نَحۡنُ اَوۡلِیٰٓؤُکُمۡ فِی الۡحَیٰوۃِ  الدُّنۡیَا وَ فِی الۡاٰخِرَۃِ ۚ

 ترجمو ڪنزالعرفان: اسان دنيا جي زندگي ۾ ۽ آخرت ۾ توهان جا دوست آهيون.

(سيپارو: 24، سورة حم سجده: 31)   

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: ملائڪَ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن سان، اولياءِ ڪرام سان محبت ڪندا آهن، هاڻي هن قرآني دعا

اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ ۙ(۵)صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ ۙ۬

 ترجمو ڪنزالعرفان: اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ انهن ماڻهن جو رستو جن