Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

پڙهڻ هڪ هزار 1000 اُٺَ راھِ خُدا ۾ صدقو ڪرڻ کان بهتر آهي.[1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت                                                               ہو        توفیق        ایسی        عطا        یَاالہٰی! [2]

نفل روزا رکندا هئا

   تذڪرةُ الاوليا ۾ آهي: حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه صائمُ الدّهر هئا يعني سڄو سال نفلي روزا رکندا هئا، باقي ڪو مهمان اچي ويندو هو ته روزو نه رکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: مسلمان ڀائرن جي مُوافَقت به روزي کان گهٽ ناهي (يعني مهمان جي مهمان نوازي جي لاءِ روزو ڇڏي ڪري، ان سان گڏ کاڌو کائيندُس، ان سان مهمان جي دل خوش ٿيندي ۽ مهمان جي دل خوش ڪرڻ به وڏي عبادت آهي).[3]

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن نفلي روزا رکندا هئا، الحمد لله! ماھِ رجبُ المُرجب جاري آهي، شعبانُ المُعظم جي آمد آمد آهي، هي ڄڻ نفلي روزن جي موسمِ بهار آهي، هنن مهينن ۾ خصوصيت سان نفلي روزن جا فضائل آهن:

هڪ جنّتي نهر جو نالو: رجب آهي

   جنّتي صحابي حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنّت ۾ هڪ نهر آهي، جنهن کي رجب چيو وڃي ٿو، ان نهر جو پاڻي کيرَ کان وڌيڪ اڇو ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مِٺو آهي، جيڪو رجب شريف جو هڪ روزو رکي، الله پاڪ ان کي ان نهر مان


 

 



[1] مسندِ فردوس،جلد:2، صفحہ:76 ،حدیث:2424۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔

[3] تذکرۃ الاولیاء، ذکر جنید بغدادی، نیمۂ دوم،صفحہ:10۔