Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها ان ڏي بلڪل به توجھ نه ڪئي، ماڻهن پڇيو: ڇا اوهان کي تڪليف جو احساس نه ٿيو؟ فرمايائون: سِرَ جو ڪِرڻ الله جي ارادي سان ٿيو، ان جو ارادو منهنجي طرف ٿيو، ان ڳالھ جي تصور مون کي درد جو تصور ٿيڻ ئي نه ڏنو.[1]

اکيون ڪيئن ٺيڪ ٿي ويون...؟

  پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت آهي: هر مرض جي اثر ڪندڙ دوا ۽ هر مشڪل جو بهترين حل اهو ئي آهي ته ٻانهو الله پاڪ جي رضا ۾ راضي ٿي وڃي، جڏهن ٻانهو الله پاڪ جي رضا ۾ راضي ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ ان کان راضي ٿي ويندو آهي ۽ جنهن کان الله پاڪ راضي ٿي وڃي، دنيا ۽ آخرت ۾ ان جا ڀاڳ ڀلا ٿي ويندا آهن. هڪ ڀيري حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اکين ۾ ڪجھ تڪليف ٿي، هڪ ڪافر طبيب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اکين جو معائنو ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته اکين کي پاڻي نه لڳڻ ڏنو وڃي.

   اکين کي پاڻي نه لڳي، هي ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي، وضو ڪندا ته اکين کي ته پاڻي لڳندو ۽ هڪ ڪافر جي چوڻ تي وضو ڇڏڻ جي اجازت به ناهي، لهٰذا حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪافر طبيب جي هدايت تي بلڪل توجھ نه ڏنو، وضو ڪيو، نمازِ عشاء ادا فرمائي ۽ سمهي پيا، صبح جڏهن اٿيا ته اکيون بلڪل ٺيڪ ٿي چڪيون هيون، ان وقت غيب مان آواز آيو: اي جنيد! تو عبادت جي لاءِ پنهنجي اکين جي پرواھ نه ڪئي، لهٰذا اسان تنهنجي تڪليف دُور ڪري ڇڏي.

   جڏهن ان ڪافر کي خبر ملي ته سندن اکيون بلڪل ٺيڪ ٿي چڪيون آهن ته ان حيران ٿي ڪري پڇيو: هڪ ئي رات ۾ اکيون ڪيئن ٺيڪ ٿي ويون؟


 

 



[1] الکوکب الدریۃ ،الطبقۃ الثانیۃ ،حرف الراء،رابعۃ العدویہ،جلد:1،صفحہ:270۔