Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

اولياءِ ڪرام جي سامهون گناھ کان بچو، انهن جي سامهون دليون سنڀالي رکو! باطني گناھن(مثال طور حسد، بدگماني وغيره)کان به بچو ۽ ظاهري گناھن کان به بچو نه ته هي ڪامل ايمان وارا پنهنجي ايمان جي نور سان توهان جي گناھن کي ڄاڻي وٺندا ۽ ٿي سگهي ته توهان کي انهن جي سامهون شرمنده ٿيڻو پئجي وڃي.[1]

مومن واري فراست ڪيئن ملي...؟

   علّامه عبدُالرَّؤف مناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: ٻانهو جهڙو عمل ڪندو آهي، جزا به اهڙي ئي ماڻيندو آهي، لهٰذا هي مُؤمنن واري فراست جنهن جو ذڪر حديث پاڪ ۾ ٿيو: جيڪو هيءَ فراست حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته * پنهنجي نگاھن کي جهڪائي رکي * بدنگاھي (مثال طور غير محرمن تي نظر وجهڻ، فلمون ڊراما وغيره ڏسڻ) کان بچي * پاڻ کي نفساني خواهشن کان بچائي * دل ۾ هميشه هي خيال رکي ته الله پاڪ ڏسي رهيو آهي * ۽ صرف ۽ صرف حلال کائي، حرام کان هر وقت بچندو رهي، انهن نيڪ اعمال جي برڪت سان ان جي دل روشن ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته ان کي به مومنن واري فراست نصيب ٿي ويندي.[2]

آقا کی حیا سے جُھکی رہتی نظر اکثر                                                                          آنکھوں پہ مرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

گر دیکھے گا فلمیں تو قِیامت میں پھنسے گا                                               آنکھوں پہ مِرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

آنکھوں میں سرِ حَشْر نہ بھر جائے کہیں آگ                       آنکھوں پہ مِرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

بولوں نہ فُضول اور رہیں نیچی نگاہیں                                                              آنکھوں کا زَباں کا دے خدا قفلِ مدینہ[3]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ  عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] فیض القدیر،جلد:1 ،صفحہ:185 ،تحت الحدیث:151۔

[2] فیض القدیر،جلد:1 ،صفحہ:186 ،تحت الحدیث:151۔

[3] وسالِ بخشش،صفحہ:94 -95۔