Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi
ڪنهن به نه سڃاتو ته مان مُسلمان جي وِيسَ ۾ ڪافر آهيان، اوهان سڃاڻي ورتو. حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: انهن سڀني به توکي سڃاڻي ورتو هو پر سڀ ڄاڻيندا هئا ته تنهنجو ايمان آڻڻ منهنجي هٿ تي لکيل آهي.[1]
نگاہِ ولی میں وہ تاثیر دیکھی بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪرامت واري حڪايت ۾ هڪ حديث پاڪ بيان ٿي، صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِتَّقُوْا فِرَاسَۃُ الْمُؤْمِنِ فَاِنَّہ یَنْظُرُ بِنُوْرِ اللہ يعني مومن جي فراست کان بچو جو بيشڪ اهو الله پاڪ جي نور سان ڏسندو آهي.[2]
هن حديث پاڪ جي شرح ۾ علّامه عبدُالرؤف مناوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي مدني گُلَ ڏنا آهن، انهن جو خلاصو هي آهي ته هن حديثِ پاڪ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪامل ايمان وارو مومن (مثال طور وليُ الله) الله پاڪ جي نور سان ڏسندو آهي، ان جو مطلب هيءُ آهي ته اهو دل جي اک سان ڏسندو آهي جيڪا الله پاڪ جي عطا ڪيل نور سان روشن ٿيندي آهي، ان نور جي ذريعي دل روشن ٿي ڪري آئيني جيان ٿي ويندي آهي، پوءِ ان جي سامهون جيڪو ڪجھ ايندو آهي، ائين ئي واضح ٿيندو آهي، جيئن آئيني جي سامهون سڀ ڪجھ صاف نظر ايندو آهي.[3]
پوءِ هن حديث پاڪ ۾ اهڙي ڪامل مومن جي فراست(يعني دانائي) کان بچڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان جو مطلب هيءُ آهي ته ڪامل ايمان وارو مومن (مثال طور)