Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

اهڙيءَ طرح ڪيئي ڏينهن تائين جاري رهيو جو ان کي هر رات ائين نظر ايندو هو جو ملائڪ کيس سواري تي ويهاري جنّت جو سير ڪرائيندا هئا ۽ طرح طرح جا ميوا کارائيندا هئا ايستائين جو اهو تڪبر ۽ غرور جو شڪار ٿي ويو ۽ هي دعوا ڪرڻ لڳو ته سندس حالت ان ڪمال تائين پهچي چُڪي آهي جو ان جون راتيون به جنّت ۾ گذرنديون آهن. ماڻهن ان جي خبر حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڏني ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان وٽ تشريف کڻي ويا ته ڏٺائون اهو نهايت ٺٺ سان آڪڙجي ويٺو آهي. پاڻ ان کان ڪيفيت پڇي ته ان وڏي فخر سان پنهنجي بُلند مقام ۽ جنّت جي سير جو ذڪر ڪيو، جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: اڄ جڏهن جنّت ۾ وڃين ته 3 ڀيرا لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃ اِلَّا بِاللّٰہ ِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْم پڙھجان. ان چيو: تمام سُٺو! جيئن ته معمول مطابق جڏهن اهو جنّت ۾ پهتو ته ياد اچڻ تي صرف تجربي طور تي ان 3 ڀيرا لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃ اِلَّا بِاللّٰہ ِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْم پڙهيو. ته ان کي وٺي ويندڙ سڀئي ماڻهو رڙيون ڪري ڀڄي ويا ۽ اهو ڇا ٿو ڏسي ته جنّت هڪ گهڙي ۾ ان جي اکين کان غائب ٿي وئي آهي ۽ اهو ناپاڪي ۽ ڪچري واري ڍير تي ويٺو آهي ۽ ان جي چؤطرف مُردار هڏيون پيون آهن. انهيءَ وقت ان ڄاڻي ورتو ته هي شيطاني ڄار هو ۽ مان ان ڄار ۾ ڦاٿل هيس. فوراً توبھ ڪيائين ۽ پنهنجي پير ۽ مُرشد سيدُ الطائفه حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويو. [1]

حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون  نصيحتون

درويش کي صبر  جي تلقين

    هڪ ڀيري حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن درويش جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويا، ان وقت اهو بيماري جي سبب روئي رهيو هو، حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ان کي نصيحت ڪندي فرمايو: ڪنهن جي عطا ڪيل


 

 



[1] کَشْفُ الْمَحْجُوب ،مترجم، صفحہ:500۔