Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪافر ڪلمو پڙهي ڪري مُسلمان ٿي ويو

  يَمن جي رهاڪو هڪ ڪافر، ڪٿان کان آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هي حديثِ پاڪ ٻُڌي ورتي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِتَّقُوْا فِرَاسَۃُ الْمُؤْمِنِ فَاِنَّہ یَنْظُرُ بِنُوْرِ اللہ يعني مسلمان جي فراست کان ڊڄو جو بيشڪ اهو الله پاڪ جي نور سان ڏسندو آهي.[2]

    ان ڪافر کي شوق ٿيو ته هن ڳالھ کي آزمائي، جيئن ته ان اسلامي لباس پاتو، عمامو ٻڌو ۽ پورو مسلمانن وارو حُليو اپنائي ڪري هڪ هڪ ڪري مختلف مَشائخِ ڪرام (يعني وڏن عُلماء ۽ اولياءِ ڪرام) جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ لڳو، جنهن جي به خدمت ۾ پهچندو هو، ان کا انهيءَ حديث شريف جو مطلب پڇندو هو ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مومن جي فراست کان بچو جو اهو الله جي نور سان ڏسندو آهي، هن حديث شريف جو مطلب ڇا


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔

[2] ترمذی، کتاب التفسیر القرآن ،باب و من سورۃ الحجر،صفحہ:723 ،حدیث:3127۔