Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

سيراب ڪندو.[1]

رجب جو روزو گناھن جو ڪفارو آهي

   سُلطانُ المُفسرين، حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، بي چين دلين جي چين، نبيءِ حَرَمَين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو 3 سالن جو ڪفارو آهي، ٻئي ڏينهن جو روزو 2 سالن جو ۽ ٽئين ڏينهن جو روزو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي (يعني رجب شريف جا هي روزا گناھِ صَغيره جي معافي جو ذريعو بڻجي ويندا آهن).[2]

شعبان جي روزن جا فضائل

(1): حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ويو ته رمضان کان پوءِ ڪهڙو روزو افضل آهي؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم جي لاءِ شعبان جو پوءِ عرض ڪيو ويو: ڪهڙو صدقو افضل آهي؟ فرمايائون: رمضان جي مهيني ۾ صدقو ڪرڻ.[3] (2): حضرت اُسامه بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان اوهان کي شعبان جا روزا رکندي ڏسندو آهيان ته اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن به مهيني ۾ هن طرح روزا ناهيو رکندا. فرمايائون: رجب ۽ رمضان جي وچ ۾ هي مهينو آهي، ماڻهو هن کان غافل آهن. هن ۾ ماڻهن جا اعمال الله پاڪ جي بارگاھ جي طرف کنيا ويندا آهن ۽ مون کي هي محبوب آهي ته منهنجو عمل


 

 



[1] شُعَبُ الایمان، باب فِی الصِّیَام، جلد:3، صفحہ:368، حدیث:3800۔

[2] جامع صغیر، صفحہ:311-312، حدیث:5051۔

[3] ترمذی،کتاب الزکاۃ ،باب ما جاء فی فضل الصدقہ،صفحہ:189،حدیث:663۔