Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

نفلَ پڙهڻ جي همت نه ٿا رکون، دڪان تي وڃي ڪري 2 نفل ئي پڙهي وٺندا ڪيون، هٿ ۾ تسبيح رکون، دڪان تي ويهون، ملازمت ڪندي، ڪم ڪار ڪندي جڏهن جڏهن موقعو ملي ذڪرُالله ڪندا ڪيون، دُرود شريف پڙهندا ڪيون، جيڪڏهن ائين ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مال ۽ دولت جي لالچ کان بچي سگهنداسين، دنيا به چڱي ٿيندي، روزيءَ ۾ به برڪت ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته آخرت به سنورجي ويندي.

محبت میں اپنی گُما یاالٰہی!                                                                                                                                   نہ پاؤں میں اپنا پتا یَاالٰہی!

رہوں مست و بے خود میں تیری وِلا میں                                                            پِلا جام ایسا پلا یَاالٰہی!

میں بے کار باتوں سے بچ کے  ہمیشہ                                                                           کروں    تیری    حمد    و    ثنا    یَاالٰہی![1]

40 سال دل جي حفاظت ڪندا رهيا

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شيشي جو ڪاروبار ڪندا رهيا، دڪان تي وڃي ڪري 400 نفل ادا ڪندا هئا، هڪ عرصي تائين سندن اهو ئي معمول رهيو، پوءِ دڪان ڇڏي ڏنائون ۽ پنهنجي ڪامل پير حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ويا، پاڻ هڪ ڪوٺڙيءَ کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻايو ۽ دل جي نگهباني شروع ڪري ڇڏي، مراقبي جي حالت ۾ سندن ڪيفيت اهڙي ٿي ويندي هئي جو هيٺ وڇايل مصلو به ڪڍي ڇڏيندا هئا ته جيئن سندن دل ۾ الله ۽ رسول کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جو خيال نه گذري. ان خلوت ۽ اڪيلائي ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  40 سال گذاريا، 30 سالن تائين سندن معمول رهيو ته عشاء جي نماز کان بعد بيهي ڪري صبح تائين الله، الله چوندا رهندا هئا ۽ انهيءَ وضو سان نمازِ فجر ادا فرمائيندا هئا. پاڻ ئي فرمائن ٿا: 20 سالن تائين تڪبيرِ اولٰي مون کان فوت نه ٿي ۽ نماز ۾ جيڪڏهن دنيا جو خيال اچي


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:105۔