Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هڪ اسلامي ڀاء مون کي به اجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، انهن جو انداز اهڙو ته پيارو هو جو مان فوراً هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان ملي ڪري عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنّتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهيس، پوءِ رقَّت انگيز دعا ٿي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقان رسول جي صحبت جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو مون دعا جي دوران روئي روئي ڪري پنهنجي گناهن کان توبھ ڪئي ۽ آينده زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيّت ڪئي، مون تي هڪ عجيب خمار هو اجتماع کان واپس ٿيڻ بعد مون نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏي ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ ۾ مصروف ٿي ويس.

اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو!                                                    اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 دارُالافتا اهلِ سنّت ايپلي ڪيشن

  پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Darul Ifta Ahlesunnat (دارُ الافتاء اهلِ سنّت).

   هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان کي پڙهن جي لاءِ ملنديون: ڪيئي مذهبي ۽ معاشرتي سوالن جون تحريري فتوائون * عقائد جي مُتعلق احڪام * قرآن ۽ حديث جي مُتعلق احڪام * وضو، غسل ۽ ناپاڪي جا احڪام * نماز جي