Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

تڪليف تي روئي رهيو آهين؟ ڪنهن کان ان جي شڪايت ڪرڻ چاهين ٿو: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هيءَ حڪمت ڀري ڳالھ ٻڌي ڪري اهو دَرويش چُپ ٿي ويو.[1]

 سُبۡحٰنَ الله! ڪهڙي پياري نصيحت آهي..!! اسان کي به ان نصيحت تي عمل ڪرڻ گهرجي الله نه ڪري، جيڪڏهن مُشڪل، پريشاني، تنگدستي بيماري اچي ته روئڻ ۽ واويلا ڪرڻ جي بدران ٿورو هي غور فرمايو ته هي مُشڪل، پريشاني وغيره ڪنهن جي حڪم سان آئي آهي؟ يقيناً اسان جو ايمان آهي: وَالْقَدْرِ خَیْرِہٖ وَشَرِّہٖ مِنَ اللہِ تَعَالیٰ  هر چڱي بُري تقدير الله پاڪ جي ئي طرف کان آهي.

   يعني اهو ئي ربّ ڪريم، رَبّ رحمٰن ۽ رحيم جنهن اسان کي پاڻيءَ جي قطري مان خلقيو، ماءُ جي پيٽ ۾ بنا گهرڻ جي رزق عطا فرمايو، هٿ، پير، ڪن، نڪ، سڀ عضوا عطا فرمايا، هزارين نعمتون عطا فرمايون، ننڍپڻ کان وٺي اڃان تائين لاڳيتو رزق عطا فرمائي رهيو آهي، هي مُشڪل، هي پريشاني انهيءَ ربّ رحمٰن جي حڪم سان آئي آهي، جڏهن ان جي عطا ڪيل آهي ته روئڻ ۽ واويلا ڪرڻ ڪنهن ڳالھ جو.

جے سوہنا میرے دُکھ وِچ راضی                                                                                    میں سُکھ نُوں چلھے پاواں

وضاحت: يعني جيڪڏهن الله ڪريم جو اهو ئي حڪم آهي ته مون کي ڏُک پهچي ته مان ان جي رضا ۾ راضي آهيان، مون کي سُکَ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

   بلڪل حق ته هي آهي ته جيڪو الله پاڪ جي طرف کان آهي، اهو سُک ئي سُک آهي، ڏُک ته آهي ئي نه.

درد جو احساس نه ٿيو

   حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي مٿي تي سِرَ ڪري ۽ رت وهڻ لڳو پر پاڻ


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء،نیمۂ دوم،ذکر جنید بغدادی،صفحہ:12۔