Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

آهين، جيڪڏهن تون واقعي پنهنجي مالڪ (يعني الله ڪريم) جو ٻانهو هجي ها ته هرگز ان حڪم جي نافرماني نه ڪري ها. شيطان سندن دل جي ڳالھ ڄاڻي ويو ۽ فوراً ئي اتان ڀڄي ويو.

واقعي مان ملڻ وارا 3 سبق

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن سبق آموز واقعي مان اسان کي 3 ڳالهيون سکڻ جي لاءِ مليون: (1): اولياءِ ڪرام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڏو مقام رکندا آهن، الله پاڪ انهن کي شيطان خبيث جي حملن کان محفوظ فرمائيندو آهي، قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

اِنَّ عِبَادِیۡ لَیۡسَ لَکَ عَلَیۡہِمۡ سُلۡطٰنٌ  (سيپارو: 14، سورة حجر: آيت: 42)

ترجموڪنزالعرفان:بيشڪ منهنجي ٻانهن تي تنهنجو ڪو زور نه هلندو.

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! معلوم ٿيو: اولياءِ ڪرام شيطاني حملن کان محفوظ آهن، لهٰذا اسان کي گهرجي ته هميشه اولياءِ ڪرام جي ڇانوَ ۾ رهون، انهن سان محبت ڪيون، جيستائين ٿي سگهي، انهن جي صحبت حاصل ڪيون جو هي پاڻ شيطان کان محفوظ آهن، انهن جي صدقي اسان به شيطاني چالن کان محفوظ ٿي وينداسين.

 (2): ٻي ڳالھ جيڪا هن واقعي مان معلوم ٿي، اها هي ته شيطان خبيث کي ڪڏهن ڏسڻ جي خواهش نه ڪرڻ گهرجي، هي بدبخت وڏو خبيث آهي، اهڙو ڄار وڇائيندو آهي جو علم، عقل، سڀ بيڪار ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو ان جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري تباھ ٿي ويندو آهي، ڏسو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جهڙو عظيم ترين عالِمِ دين به ان جي ڳالھ  ٻڌي حيران ٿي ويو، پاڻ ته ڪامل ولي هئا، کين الهام جي ذريعي ان خبيث جي چال کان بچايو ويو، نه ته اسان