Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

بيان ڪرڻ ڪيئن شروع فرمايو...؟

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا عالمِ دين هئا، ماڻهو سندن خدمت ۾ عرض ڪندا هئا: اي جنيد! اوهان اسان کي وعظ و نصيحت ڪندا ڪيو! پاڻ فرمائن ٿا: پنهنجي ڪامل پير حضرت سِرِّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هوندي مان واعظ و نصيحت نه ٿو ڪري سگهان. پوءِ هڪ ڏينهن حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ کين وعظ و نصيحت ڪرڻ (يعني درس ۽ بيان) جو حڪم فرمايو: ان تي به پاڻ عرض ڪيائون: سائين! اوهان جي هوندي مان وعظ ڪيان، مون کي سُٺو نه ٿو لڳي.

   انهيءَ رات جڏهن پاڻ سُتا ته قسمت جاڳي پئي، نور وارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چنڊ جهڙو چهرو چمڪائيندي خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ فرمايائون: جنيد! ماڻهن کي ڪجھ ٻڌائيندا ڪيو! اوهان جي بيان جي ذريعي الله پاڪ هڪ عالَم کي نجات بخشيندو.

  صبح جڏهن سڄاڳ ٿيا ته دل ۾ وسوسو آيو ته شايد مان پنهنجي پير کان به وڏي رتبي وارو ٿي ويو آهيان جو مون کي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پاڻ بيان ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي، اڃان انهيءَ خيال ۾ هئا ته ڪامل پير حضرت سِرِي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو پيغام موڪليو: جنيد! بغداد وارن اوهان کي واعظ جو چيو: اوهان انڪار ڪري ڇڏيو، اسان چيو اوهان ڳالھ نه مڃي، هاڻي الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حڪم ڏنو آهي، هاڻي حڪم مڃيو!

   هي پيغام ٻڌندي ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل مان وسوسو ختم ٿي ويو، پاڻ پنهنجي پير صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيائون: سائين! اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مون کي خواب ۾ رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي