Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

فرمايائون: وضو ڪرڻ سان. ان تي ڪافر طبيب چيو: اصل ۾ طبيب اوهان آهيو ۽ مان مريض آهيان، هاڻي منهنجو علاج فرمايو ۽ ڪلمو پڙهائي ڪري مسلمان ڪري ڇڏيو!

دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت                                         رہوں بَاوُضو میں سدا یاالٰہی!

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت                                                   ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

مال جي محبت کان آزاد

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دنيا ۽ مال ۽ دولت جي محبت کان تمام پري ۽ عبادت ۽ رياضت جا نهايت شوقين هئا، هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ هڪ امير شخص حاضر ٿيو، ان سندن خدمت ۾ 500 دِرهم (يعني چاندي جا سِڪا) پيش ڪيا ۽ عرض ڪيو: حضور! هي حقير نذرانو قبول فرمايو. حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مُسڪرايا، پوءِ فرمايائون: اوهان وٽ هنن درهمن کان علاوه ٻيو به ڪجھ مال آهي؟ چوڻ لڳو: اوهان جي دعا سان ۽ الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان گهڻو ڪجھ آهي. فرمايائون: ڇا اوهان جي خواهش آهي ته اوهان جي مال ۽ دولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي؟ عرض ڪيائين: حضور! هي خواهش ته مون کي هر وقت رهندي آهي ۽ مان ان خواهش جي تحت ڪاروبار ۾ وڏي محنت ۽ مشقت برداشت ڪندو آهيان، پاڻ فرمايائون: ته پوءِ هي درهم تون ئي رکي ڇڏ ڇوته مون کان وڌيڪ تون محتاج آهين. مون وٽ جيتوڻيڪ مال ۽ دولت نه آهي پر الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان ان جي خواهش به نه آهي.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ قَناعَت جو درس آهي، الله پاڪ جيڪو عطا فرمايو، جيترو عطا فرمايو، ماڻهو ان تي خوش رهي، گهڻي


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء،نیمۂ دوم،ذکر جنید بغدادی،صفحہ:14۔