Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

ملندي آهي ته شڪر ادا ڪندا آهن.[1]

تاج وتخت وحکومت مت دے                                                                کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ                                                                                                           یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد

نمازِ تهجد خوب فائدو پهچايو

   حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڪنهن وصال کان بعد خواب ۾ ڏٺو ته پڇيائين: اي ابو القاسم! (وفات کان بعد اوهان سان ڪهڙو معاملو ٿيو؟) ڪجھ ارشاد فرمايو. فرمايائون: علمي بحثون ۽ علمي نڪات جون باريڪيون ڪم نه آيون پر رات جي اڪيلائي ۾ ادا ڪئي ويندڙ نماز (تهجّد) خوب فائدو پهچايو. [2]

    الله پاڪ اسان کي به تهجد جي توفيق نصيب فرمائي! رات جو جلد سمهڻ جي عادت بڻايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تهجد ۾ اٿڻ آسان ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ تهجد جي فضائل تي 2 مبارڪ حديثون ٻڌون ٿا:

تهجد جي فضائل تي 2 فرامينِ مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

  (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رات جي قيام کي پنهنجي مٿان لازم ڪيو ڇوته هي اڳين نيڪ ماڻهن جو طريقو آهي ۽ توهان جي ربّ جي طرف قُربت جو ذريعو ۽ گناھن کي مِٽائڻ وارو ۽ گناھ کان روڪڻ وارو ۽ جسم کان بيمارين کي دور ڪندو آهي.[3] (2): حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن ماڻهو هڪ ميدان ۾ جمع ڪيا ويندا، ان


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء،نیمۂ دوم،ذکر جنید بغدادی،صفحہ:16

[2] بیٹے کو نصیحت ،صفحہ:10۔

[3] ترمذی،کتاب الدعوات،باب فی دعاء النبی،صفحہ:811 ،حدیث:3549۔