Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

اهڙي صاف (دل) جنهن ۾ نه گناھ هجي، نه بغاوت، نه ڪينو ۽ نه حسد.[1]

افضل عمل

   حضرت عبدُ الله ابنِ عَمرو رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ويو ته ماڻهن ۾ ڪير افضل آهي؟ فرمايائون: هر سلامت دل وارو، سچي زبان وارو. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو ته سچي زبان واري کي ته اسان سڃاڻون ٿا ته سلامت دل واري مان ڇا مُراد آهي؟ فرمايائون: اهڙي صاف (دل) جنهن ۾ نه گناھ هجي، نه بغاوت، نه ڪينو ۽ نه حسد. [2]

حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شيطان سان ملاقات

   حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري منهنجي دل ۾ ابليس کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي، هڪ ڏينهن مان مسجد جي دروازي وٽ موجود هيس، مون کي پري کان هڪ پوڙهو نظر آيو، ان کي ڏسندي ئي مون پنهنجي دل ۾ وحشت محسوس ڪئي، جڏهن اهو منهنجي ويجهو آيو ته مون پڇيو: تون ڪير آهين؟ چيائين: اهو ئي جنهن کي ڏسڻ جي اوهان خواهش ڪئي هئي، مان سمجهي ويس ته هي ابليس آهي، مون ان کي دڙڪا ڏيندي چيو: اي خبيث! توکي حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام کي سجدو ڪرڻ کان ڪهڙي شيءِ روڪيو؟ ابليس چيو: اي جنيد! اوهان ڇا ٿا چاهيو مان غيرِ خُدا کي سجدو ڪيان ها. حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ابليس جي هيءَ ڳالھ ٻڌي ڪري مان حيران ٿي ويس، ويجهو ئي هو جو ان جي ڳالھ منهنجي دل تي اثر ڪري وڃي ها، انهيءَ وقت مون کي الهام ٿيو (يعني منهنجي دل ۾ هيءَ ڳالھ وڌي وئي) ته اي جنيد! ان کي چئي ڇڏ! کَذَبْتَ لَوْ کُنْتَ عَبْدًا مَامُوْرًا مَا خَرَجْتَ عَنْ اَمْرِہ يعني اي خبيث! تون ڪوڙو


 

 



[1] ابنِ ماجہ ،کتاب الزہد،باب الورع و التقوی ،صفحہ:684 ،حدیث:4216۔

[2] ابنِ ماجہ ،کتاب الزہد،باب الورع و التقوی ،صفحہ:684 ،حدیث:4216۔