Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

ميراڻ ڌوئي ڪري اسان جي دل کي صاف سٿرو ۽ روشن به بڻائي ڇڏيندو آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي خوب روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگادے دِل         رجب کا واسطہ دیتا ہوں، فرما دے کرم مولیٰ

نہیں درکار وہ خوشیاں، جو غفلت کا بنیں ساماں                   عطا کر اپنی الفت، اپنے پیارے کا تُو غم مولیٰ [1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

غيبت کان بچو!

   علّامه عبدُ الله بن اَسۡعد يافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجدِ شونيزيه ۾ ويٺا هئا، پاڻ اتي هڪ فقير کي ڏٺائون جنهن جي چهري تي عبادت ۽ رياضت جا آثار ظاهر هئا. اهو ماڻهن کان سوال ڪري رهيو هو. حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دل ۾ سوچيو: جيڪڏهن هي ڪو ڪم ڪري ها ۽ سوال جي آفت کان بچي وڃي ها ته بهتر هو.

   انهيءَ رات پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  تي رات جا معمولات (يعني نفل ۽ وظائف وغيره) ڏکيا ٿي ويا، ڪنهن ڪم ۾ سندن دل نه لڳي رهي هئي، پاڻ ائين جاڳندا رهيا، آخر ڪار ننڊ غالب اچي وئي ۽ پاڻ سمهي رهيا، پاڻ خواب ۾ ڏٺائون ته ان فقير کي آندو ويو آهي ۽ هڪ دسترخوان تي رکي ڪري چيو ويو: هن جو گوشت کاءُ! ڇو ته تو هن جي غيبت ڪئي آهي. پاڻ چيائون: مون هن جي غيبت ته ناهي ڪئي، ها! هن جي مُتعلق دل ۾ ڪجھ اهڙو سوچيو هو. جواب مليو: اي جنيد! تون انهن ماڻهن مان نه آهين جو جن کان اسان معمولي ڪوتاهي به برداشت ڪيون. وڃو! هن ٻانهي کان معافي گهرو...!!


 

 



[1] وسائِلِ بخشش، صفحہ:98 و 99۔