Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

جي خواهش نه ڪري، وڌيڪ جي لالچ ڪرڻ وارو چاهي جيترو به امير هجي، حَقيقت ۾ اهو غريب، فقير آهي، اصل امير اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عطا تي راضي رهندو آهي.

غلامن جو  غلام

 ڪشفُ المحجوب شريف ۾ آهي: ڪنهن بادشاھ هڪ درويش کي چيو: جيڪو گهرڻو اٿوَ گهرو! فرمايائون: مان پنهنجي غلامن جي غلام کان ڪجھ نه ٿو گُهران، بادشاھ وڏو حيران ٿيو، چيائين: مان اوهان جي غلامن جو غلام ڪيئن؟ فرمايائون: لالچ ۽ خواهش منهنجا غلام آهن ۽ تون انهن جو غلام آهين، لهٰذا منهنجي غلامن جو غلام ٿئين. [1]

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ڪهڙا نرالا انداز آهن. معلوم ٿيو: لالچ ماڻهو کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيندي آهي، ان ڪري اسان کي ان غلامي کان هميشه آزاد ئي رهڻ گهرجي. الله پاڪ جيڪو ڏنو آهي، جيترو ڏنو آهي، ان تي خوش رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي پُر سڪون ٿي ويندي.

الله تنهنجو  فقر   وڌائي!

   هڪ ڀيري هڪ تنگدست ۽ غريب ماڻهو حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو: حضور! تمام غريب آهيان، بُکايل آهيان، منهنجي لاءِ دعا فرمايو! پاڻ فرمايائون: الله پاڪ تنهنجي بُک ۾ اضافو فرمائي! ڇوته هي اها نعمت آهي، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ان جي خواهش ڪندا آهن، جڏهن انهن کي


 

 



[1] کَشْفُ الْمَحْجُوب،صفحہ:41 بتغیر قلیل۔