Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi
حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سلسلهءِ عاليه قادريه رضويه عطّاريه جا يارهان (11) بزرگ آهن. سندن نالو مبارڪ: جُنيد، ڪنيت: ابوالقاسم ۽ سيّدُ الطائفه، لِسانُ القوم، طائوسُ العُلما مشهور لقبَ آهن. حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ولادت مبارڪ تقريباً 218 هجري تي بغداد شريف ۾ ٿي.[1] حضرت ابو عبّاس عطّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اِمَامُنَافِی ہَذَا الْعِلْمِ وَ مَرْجِعُنَا الْمُقْتَدیٰ بِہِ الْجُنَیْد يعني علمِ تصوف ۾ اسان جا امام ۽ پيشوا حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن.[2] حضرت ابو جعفر حَدّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائيندا هئا: جيڪڏهن عقل مرد هجي ها ته حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صورت ۾ هجي ها.[3] حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو وصال شريف 27 رجبُ المُرجب 297 ھ يا 298ھ تي ٿيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار بغداد شريف ۾ شونيزيه جي علائقي ۾ واقع آهي.[4] الله پاڪ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مشهور ڪامل ولي حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ڀاڻيجا به آهن ۽ ڪامل مُريد به آهن.[5] پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ننڍپڻ ئي کان پنهنجي ماما سائين حضرت سِرّي سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بابرڪت صحبت حاصل هئي، جنهن