Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

هن حال ۾ کنيو وڃي جو مان روزيدار هجان.[1]

صحت به ملي، اَجر به

   اي عاشقانِ رسول! روزو تمام نفعي بخش نيڪي آهي، روزو رکڻ سان آخرت جو ثواب به ملندو آهي، ان سان گڏوگڏ دنياوي فائدا پڻ حاصل ٿيندا آهن. مسلمانن جو چو ٿون خليفو شيرِ خُدا حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائي ٿو: مون الله پاڪ جي نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو ته بيشڪ الله پاڪ بني اسرائيل جي نبين مان هڪ نبي عَلَيهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: اي نبي عَلَيهِ السَّلَام! پنهنجي قوم کي ٻڌائي ڇڏيو ته بيشڪ جيڪو ٻانهو منهنجي رضا جي لاءِ هڪ ڏينهن جو روزو رکندو آهي، مان ان جي جسم کي صحت ڏيندو ۽ ان جو اجر وڌائي ڇڏيندو آهيان.[2]

کیا ہماری نماز، کیا روزہ                                                                                                                             بخش دینے کے سو بہانے ہیں

روزو رکو! صحت ماڻيو...!

   مُعجمِ اوسط ۾ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهکان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: صُوْمُوْا تَصِحُّوْا روزا رکو! صحت مند ٿي ويندؤ وَ سَافِرُوْا تَسْتَغْنُوْا ۽ سفر ڪندا ڪيو غني (يعني مالدار) ٿي ويندؤ.[3]

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُلله روزو صحت مند زندگي جو ضامن آهي، روزو رکڻ سان جسماني صحت به ملندي آهي ۽ جسماني تندرستي به نصيب ٿيندي آهي، روزو ظاهري عضون ۾ به نکار پيدا ڪندو آهي ۽ دل مان گناھن جي


 

 



[1] نسائی،کتاب الصیام،باب صوم النبی…الخ ،صفحہ:387 ،حدیث:2354۔

[2] شُعَبُ الایمان، باب فِی الصِّیام، جلد:3، صفحہ:412، حدیث:3923۔

[3] معجم اوسط، جلد:6، صفحہ:147، حدیث:8312۔