Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

ويندو هو ته مان اها نماز ٻيهر ادا ڪندو هيس. [1]

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت                                                   ہو توفیق ایسی عطا یَاالہٰی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں ،وقت ہی پر                                                         ہوں        سارے        نوافِل        ادا        یَاالہٰی![2]

   اي عاشقانِ رسول! ٻڌو توهان! حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پابندي سان تڪبيرِ اولٰي سان نماز ادا فرمائيندا هئا، نمازِ باجماعت جي پهرين تڪبير جڏهن الله اڪبر چئي ڪري هٿ ٻَڌندا آهيون، ان کي تڪبيرِ اولٰي چيو ويندو آهي. ڪاش! اسان به تڪبيرِ اولٰي سان باجماعت نماز پڙهڻ جي عادت اپنايو. عاشقِ اولياء، شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن پُرفتن دور ۾ نيڪ بڻجڻ جو آسان نسخو ڏنو آهي يعني 72 نيڪ اعمال، ان ۾ نيڪ عمل نمبر: 2 ۾ آهي: ڇا اڄ توهان پنج ئي نمازون جماعت سان ادا ڪيون؟ (ڪاش! پهرين صف تڪبيرِ اولٰي سان گڏ نماز پڙهڻ وارا بڻجي وڃون)

تڪبيرِ اولٰي ماڻڻ جا فضائل

  (1): حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ 40 ڏينهن باجماعت تڪبيرِ اولٰي سان نماز پڙهندو ان جي لاءِ 2 آزاديون لکيون وينديون، هڪ جهنّم کان ٻي نفاق کان.[3] (2): حضرت ابنِ عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو جو امام سان گڏ تڪبيرِ اولٰي سان گڏ نماز


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء، ذکر جنید بغدادی، نیمۂ دوم،صفحہ:7۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔

[3] ترمذی،ابواب الصلاۃ،باب ما جاء فی فضل التکبیرۃ الاولیٰ،صفحہ:78 ،حدیث:241۔