Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

وقت مُنادي پڪاريندو، ڪٿي آهن اهي جن جا پاسا سمهڻ جي جڳھن کان جُدا هوندا هئا؟ اهي ماڻهو اٿي بيهندا ۽ ٿورا هوندا اهي جنّت ۾ بنا حساب داخل ٿيندا پوءِ ٻين ماڻهن جي لاءِ حساب جو حڪم ٿيندو.[1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

  اي عاشقانِ رسول! نيڪ بڻجڻ، پنهنجي زندگيءَ کي بامقصد بڻائڻ، خوفِ خُدا جي نعمت ماڻڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪُڙهڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصّو وٺو!اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع پڻ آهي. اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گناهن ڀري زندگيءَ ۾ مدني انقلاب

  ڪراچي(پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هئس، دنياوي لذّتن ۾ مصروف رهڻ منهنجي عادت هئي، بُرن دوستن جي صحبت مون کي اڃان بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان ملي ڪري سڄي رات گناهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اثر هو جو مان به ان سان مسجد ڏي هليس، مغرب جي نماز پڙهي، نماز کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاء فيضان سنّت مان درس ڏنو، درس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سنّتن


 

 



[1] شُعَبُ الایمان،جلد:3 ،صفحہ:169 ،حدیث:3244۔