Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi
صبح جو پاڻ ان فقير جي ڳولا ۾ نڪتا، اهو دريا جي ڪناري تي هو، پاڻ ان کي سلام ڪيائون، اهو فقير به ڪو وڏو پهتل هو، ان ڏسندي ئي چيو: اي جنيد! وري ائين ڪندؤ؟ پاڻ چيائون: نه. ان تي فقير چيو: الله توکي ۽ مون کي معاف فرمائي.[1]
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو: هڪ مسلمان جي باري ۾ دل ۾ معمولي منفي ڳالھ سوچڻ جو ڪيترو اثر ٿيو، يقيناً اهو فقير نيڪ ماڻهو هوندو ۽ ڪنهن شرعي مجبوري جي تحت ئي ماڻهن کان سوال ڪري رهيو هوندو، حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل ۾ ان جي باري ۾ هڪ منفي خيال آيو ته ان جي سبب پاڻ رات جي عبادت کان محروم ڪيا ويا.
افسوس! اسان جا حال ته بلڪل بي حال آهن، اسان وٽ صرف دل ۾سوچڻ جي ته ڳالھ ئي نه آهي، ماڻهو سري عام غيبتون ڪندا آهن، چغليون هڻندا آهن، دل ۾ بدگمانيون پيدا ڪندا آهن ۽ ٻين جون عزّتون خراب ڪندا آهن، ياد رکو! غيبت، چغلي، بدگماني سخت حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم آهن، انهن کان بچڻ لازم آهي، ٻين جي باري ۾ دل ۾ بُرا خيال آڻڻ کان به بچڻ ئي بهتر آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اِلَّا مَنۡ اَتَی اللّٰہَ بِقَلۡبٍ سَلِیۡمٍ ( ؕ۸۹ ) (سيپارو: 19، سورة شعراء: آيت: 89)
ترجموڪنزالعرفان: پر اهو جيڪو الله جي بارگاھ ۾ سلامت دل سان حاضر ٿيندو.
قلبِ سليم يعني پاڪ صاف دل. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سوال ٿيو: قلبِ سليم ڇا کي چوندا آهن؟ فرمايائون: