Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

آهي؟ اهو عالِم سڳورو يا وليُ الله حديث شريف جي معنٰي ٻڌائيندو هو. ائين ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن اهو ڪافر سيّدُالطائفه (يعني ولين جي سردار) حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويو، مجلس لڳل هئي، حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان فرمائي رهيا هئا، ان بيان جي دوران ئي پڇيو: سائين! رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو آهي ته اِتَّقُوْا فِرَاسَۃُ الْمُؤْمِنِ فَاِنَّہ یَنْظُرُ بِنُوْرِ اللہ (مومن جي فراست کان بچو جو بيشڪ اهو الله پاڪ جي نور سان ڏسندو آهي) هن حديثِ پاڪ جو مطلب ڇا آهي؟

   حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مومناڻي فراست سان کيس سڃاڻي ورتو ۽ فرمايائون: هن حديث جو مطلب هي آهي ته تون ڪُفر ڇڏي ڪري اسلام ۾ داخل ٿي وڃ. بَس ايترو ٻڌڻو هو جو اهو بي قرار ٿي ويو ۽ فوراً ڪلمو پڙهي ڪري اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويو.[1]

عارِف باالله (يعني الله پاڪ جي معرفت رکڻ وارو عظيم ڪامل ولي) مشهور عاشقِ رسول حضرت عبدُ الرحمٰن جامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: ان واقعي ۾ حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون 2 ڪرامتون آهن: (1): هڪ هيءَ ته اهو شخص هو ته ڪافر پر اسلامي حُليي ۾ آيو هو پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نورِ فراست سان کيس سڃاڻي ورتو ته هي مسلمان نه آهي بلڪ ڪافر آهي (2): ٻي ڪرامت هي ته پاڻ  پنهنجي نگاھِ ولايت سان ڄاڻي ورتو ته هن ڪافر جي اسلام قبول ڪرڻ جو هيءُ ئي وقت آهي. [2]

   ڪجھ روايتن ۾ آهي:  ان نَو مُسلم اسلام قبول ڪرڻ کان بعد حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو: مان هيترن مشائخن وٽ ويس پر


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء،نیمۂ دوم،ذکر جنید بغدادی،صفحہ:10۔

[2] نَفْحَات ُالْاُنْس،ابو القاسم  الجنید البغدادی،صفحہ:260۔