Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽن ساهين ۾ پيئو ساڄي هٿ سان ۽ ويهي پاڻي پيئو * ڪؤنري وغيره مان وضو ڪيو هجي ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شِفا آهي جو اهو آبِ زمزم شريف سان مشابهت رکي ٿو، انهن ٻنهي (يعني وضو جو بچيل پاڻي ۽ آب زمزم شريف) کان علاوه ٻيو ڪو به پاڻي بيهي ڪري پيئڻ مڪروه آهي، اهي ٻئي پاڻي قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي پيئو * پيئڻ کان پهرين ڏسو ته پيئڻ جي ٿانوءَ ۾ ڪا نقصان واري شيءِ وغيره ته ناهي * پاڻي پيئڻ کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله  چئو * حُجَّةُ الاسلام حضرت امام محمد بن محمد غزالي عَليهِ رَحمةُ اللهِ الۡوالي فرمائن ٿا: بِسۡمِ الله پڙهي پيئڻ شروع ڪري، پهرين ساهي جي آخر ۾ اَلۡحَمۡدُلله ٻي کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلِلّٰهِ رَبِّ العَالَمِيۡن ۽ ٽين کان پوءِ اَلۡحَمۡدُللهِ رَبِّ الْعَالَمِيۡنَ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پڙهي. هي هڪ سُٺو ڪم آهي، نه به پڙهيائين ته حرج ناهي ۽ شروع ۾ بِسمِ الله ۽ آخر ۾ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهِ چوڻ سان به سنّت ادا ٿي ويندي * گلاس مان بچيل مسلمان جي اَوبر واري صاف پاڻي کي استعمال لائق هجڻ جي باوجود هروڀرو اڇلائڻ نه کپي * منقول آهي: سُـؤْرُ الْمُؤْمِنِ شِفاءٌ يعني مسلمان جي اوبر ۾ شِفا آهي. * پيئڻ جي ڪجھ گھڙي بعد خالي گلاس کي ڏسندؤ ته ان جي پاسن مان ڪجھ قطرا هيٺ جمع ٿي چڪا هوندا ان کي به پي ڇڏيو[1]

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين


 

 



[1] 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:16۔