Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

حالت ۾ اسان جو ڪو حال به پڇڻ وارو نه هوندو، اسان جا ماءُ پيءُ، اولاد، ڀيڻ ڀاءُ، عزيز رشتيدار، اسان جا ناز نخرا کڻڻ وارا مٿن کان بيٺا هوندا، ڪو اسان جي مدد نه ڪري سگهندو، سڀ ڏسندا ئي رهجي ويندا، اسان ڪنهن کي پنهنجو ڏکُ به بيان نه ڪري سگهنداسين، هاءِ! اسان جي چؤطرف رڙيو ۽ دانهون ٿي رهيون هونديون ۽ اسان ڪنهن سان ڳالهائي به نه سگهنداسين، اسان جو مال، اسان جي دولت، اسان جو بينڪ بيلنس، اسان جون ڪارون، اسان جا گهر، اسان جا بنگلا، اسان جي طاقت ۽ قوت، اسان جو عهدو ۽ منصب، اسان جون ڊگريون سڀ ڪجھ ائين بيڪار رهجي ويندو، اسان جي جسم تي ويڙهيل ڪپڙا به لاٿا ويندا، خالي ڪفن پارايو ويندو، پوءِ اسان جا چاهڻ وارا، ناز نخرا کڻڻ وارا، پاڻ پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڪري سوڙهي ۽ اونداهي قبر ۾ ليٽائي، پنهنجي هٿن سان مٽي جا مَڻ وجهي ڪري واپس موٽي ايندا، اسان انهن جي قدمن جو آواز ٻڌي رهيا هونداسين پر انهن کي پڪاري نه سگهنداسين، افسوس! هي تڪليف اهڙي تڪليف جو پهريان ڪڏهن به نه پهتي هوندي، هيءَ اڪيلائي جو اسان   اهڙي اڪيلائي پهريان نه ڏٺي هوندي، هي وحشت جو اهڙي وحشت ڪڏهن نه ڏٺي هوندي، پوءِ هيستائين بَس ناهي...!! اڃان هي صدمن تي صدما گذري ئي  رهيا هوندا، نئين گهر ۾ اڃان اچي ڪري ڪجھ ترسيا ئي هونداسين، اڃان ان اڪيلائي جي عادت به نه هوندي، روح نڪرڻ جي تڪليف ۾ گهٽتائي به نه ٿي هوندي ته اوچتو قبر جون ديوارون لڏڻ لڳنديون، 2 ملائڪ قبر جي ديوارن کي چيريندي قبر ۾ اچي ويندا ۽ سخت لهجي ۾ اسان کان سوال ڪندا، افسوس! جيڪڏهن اسان انهن سوالن جا صحيح جواب نه ڏئي سگهياسين، هاءِ! افسوس! جيڪڏهن اسان قبر جي امتحان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين ته اسان جي قبر ۾ جهنّم جي باھ ڀڙڪائي ويندي، عذاب مُسلط ڪيو ويندو، هاءِ! اسان جو ڇا