Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

قبر جنّت جو باغ يا دوزخ جو کَڏو

  حضرت ابو سعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لذتن کي ختم ڪرڻ واري موت کي ڪثرت سان ياد ڪيو ڇوته قبر روزانو پڪاري ڪري چوندي آهي: مان اَجۡنَبِيت جو گهر آهيان، مان اڪيلائي جو گهر آهيان، مان مٽيءَ جو گهر آهيان ۽ مان ڪيڙن ماڪوڙن جو گهر آهيان. جڏهن مومن کي قبر ۾ دفنايو ويندو آهي ته قبر ان کي چوندي آهي: ڀليڪار تون منهنجي پُٺيءَ تي هلڻ وارن مان مون کي محبوب ترين هئين ۽ هاڻي تون منهنجي اندر اچي ويو آهين، هاڻي تون منهنجو حُسنِ سلوڪ ڏس، پوءِ قبر ان جي لاءِ حدِ نگاھ تائين ڪشاده ٿي ويندي آهي ۽ ان جي لاءِ جنّت جو دروازو کوليو ويندو آهي ۽ جڏهن ڪو فاجر (يعني گنھگار) يا ڪافر شخص دفن ڪيو ويندو آهي ته قبر چوندي آهي: توکي ڪا ڀليڪار ناهي، تون منهنجي پُٺيءَ تي هلڻ وارن مان منهنجي ويجهو بدترين شخص هئين ۽ هاڻي تون منهنجي اندر اچي ويو آهين لهٰذا هاڻي پاڻ سان منهنجو ورتاءُ ڏس پوءِ قبر ان تي پنهنجو گهيرو سوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ان جون پاسِرِيون هڪٻئي ۾ پيوست ٿي وينديون آهن. راوي چون ٿا: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي ڳالھ پنهنجون مبارڪ آڱريون هڪٻئي ۾ وجهي ڪري اشارو ڪري ٻڌائي پوءِ فرمايائون: الله پاڪ ان تي 70 نانگَ مقرر فرمائي ڇڏيندو آهي جيڪڏهن انهن مان هڪ به زمين تي ڦونگاري ته دنيا جي فنا ٿيڻ تائين زمين تي ڪجھ نه ڦُٽي، اهي نانگَ ان مُردي کي قيامت تائين ڏنگيندا رهندا. راوي چون ٿا: پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّمَا الْقَبْرُ رَوْضَةٌ مِّنْ رِيَاضِ الْجَنَّةِ اَوْحُفْرَةٌ مِّنْ حُفَرِ النَّار يعني قبر جنّت جي باغن مان هڪ