Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

مصطفٰي آهي: اِنَّ الصَّدَقَۃَ لَتُطْفِئُ عَلٰی اَہْلِہَا حَرَّ الْقُبُوْرِ صبح ۽ شام بيشڪ صدقو ڪرڻ وارن کي صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي وَ اِنَّمَا یَسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ فِیْ ظِلِّ صَدَقَتِہٖ يعني ۽ بنا شڪ جي مسلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو.[1]

   لهٰذا صدقو ڏيڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي. صدقو ڏيڻ جا کوڙ فضائل آهن: * صدقو برائين جا 70 دروازا بند ڪندو آهي * صدقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو * صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي * صدقو گناھن کي ائين مِٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي وِسائي ڇڏيندو آهي * صدقو آفتن، بلائن کي روڪيندو آهي * صدقو عمر کي وڌائيندو آهي * صدقو بُري موت ۽ بُري خاتمي کان بچائيندو آهي * صدقو الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي * صدقو رزق ۾ وسعت ۽ مال جي ڪثرت جو باعث بڻجندو آهي * صدقو غربت ۽ ناداري کي ختم ڪندو آهي.[2] مطلب ته! صدقو ڪيئي ڀلائين جا دروازا کوليندو آهي ۽ ڪيئي بُرائين جا دروازا بند ڪندو آهي. لهٰذا اسان کي خوب صدقو ۽ خيرات ڏئي ڪري پنهنجي قبر ۽ آخرت جي بهتري جو سامان ڪرڻ گهرجي.

عطيات  (Donation)جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان * دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رهي آهي * دعوتِ اسلامي هن وقت تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي


 

 



[1] شُعَبُ الايمان،جلد:3 ،صفحہ:212، حديث:3347۔

[2] صدقے کا انعام،صفحہ:17تا 19 ملتقطًا۔