Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

آهي؟ ۽ تنهنجا نبي ڪير آهن؟ مون پنهنجي ڀاءُ جو آواز ٻڌو، ان چيو: الله پاڪ منهنجو ربّ آهي ۽ حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجا نبي آهن. ايتري ۾ قبر جي اندران سج جي ڪِرڻن جهڙي روشني منهنجي ڪنن جي طرف بُلند ٿي ۽ مان اتان کان هَٽي ويس.[1]

قبر میں لہرائیں گے تا حشر چشمے نُور کے                                                 جلوہ فرما  ہوگی  جب  طلعت  رسول  اللہ کی

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

(3) تلاوتِ قرآن جي عادت اپنايو!

    قبر جي اونداهي ۽ وحشت کان بچائڻ وارو ٽيون نيڪ عمل: تلاوتِ قرآن. اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! قرآنِ ڪريم نهايت باوفا ساٿي آهي، جڏهن تمام دوست، احباب، عزيز رشتيدار، سڳا ڀيڻ ڀاءُ، ايستائين جو ماءُ پيءُ به انسان کي اڪيلو قبر جي کَڏي ۾ رکي ڪري واپس موٽي ويندا آهن ته قرآنِ ڪريم ان جي وحشت ۽ اڪيلائي ۾ به ساٿ ناهي ڇڏيندو، قرآنِ ڪريم عذابِ قبر کان بچائيندو ۽ الله پاڪ کان سفارش ڪري قبر کي روشن ڪرائي ڇڏيندو آهي.

تلاوتِ قرآن ڪرڻ  واري  جي قبر کي وسيع ڪيو  ويندو  آهي

   پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن گهر ۾ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ويندي آهي ان گهر ۾ نور جو هڪ خيمو هوندو آهي جنهن کان آسمان وارا رهنمائي (Guidance) حاصل ڪندا آهن جيئن ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۽ رڻپٽ جي ميدانن ۾ موتي جهڙي تاري کان رهنمائي ورتي ويندي آهي، جڏهن تلاوت ڪرڻ وارو فوت ٿي ويندو آهي ته نوري خيمو کنيو ويندو آهي، جيئن ته ملائڪَ آسمان تان ڏسندا آهن ته انهن کي اهو نور نظر ناهي


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی الدنیا ،  کتاب القبور ،جلد:6 ،صفحہ:84-85  ۔