Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

نگاھن جي حفاظت، زبان، هٿ، دل جي حفاظت، ماپ تور ۾ ايمانداري، حلال ڪمائڻ، حلال کائڻ مطلب ته ڪيئي احڪام ڏنا ويا، زندگي گذارڻ جو طريقو سيکاريو ويو، زندگي جي هر هر مرحلي جي متعلق رهنمائي ڏني وئي پر اسان جو حال...!! اسان احڪام پورا نه ڪيا، موت مٿي تي بيٺو آهي، اسان غفلت ۾ آهيون، قبر جو هولناڪ کڏو سامهون آهي، اسان سُڌرڻ جو نالو ئي نٿا وٺون، قيامت جي ڏينهن اٿاريو ويندو پر اسان کي احساس ناهي هوندو.

دِل  ہائے   گناہوں  سے  بیزار  نہیں  ہوتا                                                                      مَغْلوب  شَہا! نفسِ  بَدْکار  نہیں  ہوتا

اے ربّ کے حبیب آؤاے میرے طبیب آؤ                        اچھا   یہ  گناہوں   کا   بیمار  نہیں ہوتا

گو لاکھ  کروں  کوشش  اِصلاح  نہیں ہو تی                                                                            پاکیزہ  گناہوں  سے  کِردار  نہیں  ہوتا[1]

ماڻهو غفلت ۾ آهي

   صحابيءِ رسول حضرت جابِر بن عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو جنهن جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ان کان غفلت ۾ آهي. الله پاڪ جڏهن انسان جي تخليق جو ارادو فرمائيندو آهي ته ملائڪَ کي فرمائيندو آهي: ان جو رزق لک! ان جا اعمال لک! ان جو موت لک! ان جي نيڪ بختي يا بدبختي به لک! پوءِ اهو ملائڪ هليو ويندو آهي ۽ الله پاڪ هڪ ٻيو ملائڪ موڪليندو آهي جيڪو ان لکيل کي چڱي طرح محفوظ ڪري وٺندو آهي پوءِ اهو ملائڪ به هليو ويندو آهي ۽ الله پاڪ ان ٻانهي تي 2 ملائڪ مقرر فرمائي ڇڏيندو آهي جيڪي ان جون چڱايون ۽ بُرايون لکندا آهن ۽ جڏهن ان جي موت جو وقت ايندو آهي ته اهي ملائڪ به پنهنجي جڳھ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام ان جو روح قبض ڪرڻ جي لاءِ اچي


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:163 ملتقطًا۔