Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم،                                         سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا  ہو  بچہ بچہ                                                              یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم اچڻ وارا ڪجھ وڌيڪ اعمال

    پيارا اسلامي ڀائرو! (5) پنج ئي نمازون وقت جي پابندي سان باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻ، (6): زڪوات واجب هجي ته ادا ڪرڻ (7): روزا رکڻ ۽ (8): ماڻهن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ به عذابِ قبر کان بچڻ جا اسباب آهن. حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي! جڏهن ميت کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته اهو واپس وڃڻ وارن جي جوتن جو آواز ٻڌندو آهي، جيڪڏهن مومن هجي ته نماز ان جي سرهاڻي کان، زڪوات ساڄي، روزا کاٻي ۽ ٻيون ڀلايون، نيڪيون ۽ ماڻهن سان حُسنِ سلوڪ ان جي پيرن کان اچي ويندا آهن، سرهاڻي کان عذاب اچي ته نماز چوندي آهي: هتي تنهنجي لاءِ ڪا واٽ ناهي. ساڄي (Right) کان اچي ته زڪوات چوندي آهي: منهنجي پاسي کان به توکي رستو نه ملندو. کاٻي (Left) کان اچي ته روزو چوندو آهي: مان توکي هتان داخل ٿيڻ نه ڏيندس. پوءِ عذابِ قبر پيرن کان ايندو آهي ته ڀلايون، نيڪيون ۽ ماڻهن سان حسنِ سلوڪ چوندا آهن: هتان به توکي ڪو رستو ناهي ملڻ وارو.[1]

ہر عبادت سے بَرتر عبادت نَماز                                                                                   ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ                                                              رَبّ سے دلوائے گی تم کو جنّت نَماز


 

 



[1] معجمِ اوسط،جلد:2 ،صفحہ:92 ،حدیث:2630۔