Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

لکين گنھگارن جي مغفرت ٿي ويندي آهي

   تمام مسلمانن جي پياري امّي جان حضرت عائشه صديقه طيّبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: مون هڪ رات سرورِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بستر مبارڪ تي نه ڏٺو، تلاش ڪيو ته معلوم ٿيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بقيعِ پاڪ ۾ آهن، پياري نبي، رسولِ هاشمي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ الله پاڪ شعبان جي 15 هين رات آسمانِ دنيا تي تجلي فرمائيندو آهي، بَس ان رات قبيلي بنو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ گنھگارن کي بخشي ڇڏيندو آهي.[1] بنو ڪلب ٻڪرين جي گهڻائي  جي  ڪري سموري عرب ۾  مشهور قبيلو (Tribe) هو، ڪتابن ۾ لکيل آهي: هي ماڻهو تمام گهڻيون ٻڪريون پاليندا هئا.[2]

 سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! هڪ ٻڪريءَ جي جسم تي ڪيترا وارَ هوندا آهن، انهن جي ٻڪرين جي وارن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ ان جي ڳڻپ انساني عقل کان مٿانهين آهي، الله تعاليٰ هن رات ۾ ان قبيلي جي ٻڪرين جي وارن کان وڌيڪ گنهگارن جي بخشش ۽ مغفرت فرمائيندو آهي. معلوم ٿيو: اڄوڪي رات هزارين، لکين بلڪه ڪروڙين ماڻهن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي.

براءَت دے عذابِ قبر سے، نارِ جہنّم سے                                                   مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ[3]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] ترمذی،کتاب الصوم، صفحہ:207،حدیث:739ملتقطاً۔

[2] مرقاۃ المفاتیح ،كتاب الصلوٰة، جلد:3،صفحہ:339،زیرِ حدیث:1299۔

[3] وسائِلِ بخشش، صفحہ:97 و98۔