Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

ملائڪ وري سوال ڪندو آهي: تنهنجو نبي ڪير آهي؟ ٻانهو چوندو آهي: حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، ملائڪ پڇندو آهي: تون ڇا ٿو ڄاڻين؟ ٻانهو چوندو آهي: مون ڪتابُ الله کي پڙهيو ان تي ايمان آندو ۽ ان جي تصديق ڪئي. هي سوال ملائڪ سختي سان پڇندا آهن ۽ هي مومن کي پيش اچڻ واري سخت ترين آزمائش هوندي آهي، بَس آسمان مان آواز ايندو آهي: منهنجي ٻانهي سچ چيو، ان جي لاءِ جنّتي بسترو وڇايو، جنّتي ڪپڙا پارايو ۽ جنّتي خوشبو سان خوشبودار ڪيو ۽ ان جي قبر کي حدِ نگاھ تائين وسيع ڪري ڇڏيو، هڪ جنّتي دروازو ان جي سرهاڻي جي طرف ۽ هڪ قدمن جي طرف کولي ڇڏيو. ملائڪ ان کي چوندا آهن: ڪنوار جيان سمهي رھ توکي عذابِ قبر نه ٿيندو. اهو چوندو آهي: اي الله! قيامت قائم فرمائي ڇڏ ته جيئن مان پنهنجي اهل و عيال ۽ مال جي طرف موٽان ۽ اهو ڪجھ ماڻيان جيڪو تو منهنجي لاءِ تيار ڪيو آهي، جيئن ته ان کي قيامت جي ڏينهن چمڪندڙ چهري سان اٿاريو ويندو.[1]

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! توهان ٻڌو! قبر ۾ ٽي سوال ٿيندا ۽ اهي ٽئي سوال ڇاجي باري ۾ هوندا، عقائد جي باري ۾. جيڪڏهن اسان پنهنجو عقيدو مضبوط رکيو، بلڪل انهن ئي عقيدن تي قائم رهياسين جيڪي عقيدا صحابهءِ ڪرام ۽ اولياءِ جا آهن ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبر جي امتحان ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي ۽ قبر جنّت جي باغن مان هڪ باغ بڻجي ويندي.

قبر میں لہرائیں گے تا حشر چشمے نُور کے                                                       جلوہ فرما  ہوگی  جب  طلعت  رسول  اللہ کی

صديق  ۽  عُمر  (رَضِىَ اللهُ عَنْهما) جو  وسيلو ڪم اچي ويو

   پيارا اسلامي ڀائرو! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي متعلق صاف، سٿرو ۽ درست اسلامي عقيدو ۽ انهن سان محبت ۽ عقيدت به عذابِ قبر کان نجات جو ذريعو آهي، جيئن ته پنهنجي دور جا مُجدد ۽ تمام وڏا عالِم، مُفسر، مُحدث


 

 



[1] شرح الصدور،صفحہ:91۔