Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

قبرون آخرت جي ياد ڏيارينديون آهن

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻڌو! سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شبِ براءت تي جنت البقيع تشريف وٺي ويا، بقيع شريف مديني پاڪ جو مشهور قبرسات آهي. هن روايت مان معلوم ٿيو: اڄ جي رات قبرستان وڃڻ به اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ ادا آهي. سالن کان مسلمانن جو معمول رهيو آهي ته شبِ براءت تي قبرستان ويندا ۽ پنهنجي رشتيدارن ۽ فوت شُده مسلمانن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪندا آهن. الله پاڪ اسان کي به ان جي توفيق عطا فرمائي. شبِ براءت ۾ يا ان کان علاوه به قبرستان وڃڻ تمام فائديمند آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قبرن کي ڏسندا ڪيو! بيشڪ قبرن کي ڏسڻ دنيا کان بي رغبت ڪندو ۽ آخرت جي ياد ڏياريندو آهي.[1]

دِلا غافِل نہ ہو یک دَم یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے                                        بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

تُو اپنی موت کو مت بھول کر سامان چلنے کا                                      زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے

عزیزا  یاد کر جس دن کہ عزرائیل آئیں گے                                      نہ جاوے کوئی تیرے سنگ اکیلا تُو نے جانا ہے

غُلامؔ اِک دَم نہ کر غفلت حیاتی پر نہ ہو غُرَّہ                                            خدا کی یاد کر ہر دَم کہ جس نے کام آنا ہے

7 سبق آموز قُرآني آيتون

   سيپارو: 30، سورة عَبَس، آيت: 17 کان 23 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

قُتِلَ  الۡاِنۡسَانُ مَاۤ  اَکۡفَرَہٗ (ؕ۱۷) مِنۡ  اَیِّ  شَیۡءٍ  خَلَقَہٗ (ؕ۱۸) مِنۡ  نُّطۡفَۃٍ ؕ خَلَقَہٗ  فَقَدَّرَہٗ (ۙ۱۹)  ثُمَّ السَّبِیۡلَ  یَسَّرَہٗ (ۙ۲۰) ثُمَّ  اَمَاتَہٗ  فَاَقۡبَرَہٗ (ۙ۲۱) ثُمَّ  اِذَا شَآءَ  اَنۡشَرَہٗ (ؕ۲۲) کَلَّا  لَمَّا یَقۡضِ مَاۤ  اَمَرَہٗ (ؕ۲۳(سيپارو: 30، سورة عَبَس، آيت: 17 کان 23)

ترجموڪنزالعرفان: انسان ماريو وڃي، ڪيترو ناشڪرو آهي اهو، الله ان کي ڪنهن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي؟ هڪ قطري مان ان کي پيدا ڪيو، پوءِ ان کي طرح طرح جي حالتن ۾ رکيو،  پوءِ رستو آسان ڪري ڇڏيو ان جي لاءِ، پوءِ ان کي موت ڏنو پوءِ ان کي قبر ۾ رکرايو، پوءِ جڏهن چاهيندو ان کي ٻاهر ڪڍندو، يقيناً ان اڃان تائين پورو نه ڪيو جيڪو الله ان کي حڪم ڏنو هو.


 

 



[1] ابن ماجہ،کتاب الجنائز،باب: ماجاء فی زیارۃ القبور ،صفحہ:252،حدیث:1571۔