Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

(2):  قبر جا سوالَ ياد ڪندا ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! قبر روشن ڪرڻ ۽ عذابِ قبر کان بچائڻ وارو ٻيو ڪم هي آهي ته قبر ۾ جيڪي سوالَ ٿيڻا آهن، انهن کي ياد ڪندا ڪيو، هن دنيا ۾ انهن سوالن جا جواب باربار دهرائيندا رهنداسين، انهن کي پنهنجي زبان تي خوب جاري ڪري وٺنداسين ته اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ٿيندو، قبر ۾ جڏهن ملائڪ سوال پڇندا ته بي اختيار زبان تي اهي ئي جواب ايندا جيڪي اسان دنيا ۾ ياد ڪيا هوندا.

زبان کي هنن ڪلمن جو  عادي بڻايو!

  حضرت عبدُالله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما روايت ڪن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي انسانو! پنهنجي زبان کي هنن ڪلمن جو عادي بڻايو:

لَاۤاِلٰهَ اِلَّااللهُ وَاَنَّ مُحَمَّدًارَّسُوْلُ اللهِ وَاللهَ رَبُّنَا وَالْاِسْلَامَ دِيْنُنَاوَمُحَمَّدًانَبِيُّنَا

 يعني الله پاڪ کانسواءِ ڪو معبودِ بَرحق ناهي ۽ محمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) الله جا رسول آهن الله پاڪ اسان جو ربّ، اسلام اسان جو دين ۽ حضرت مُحمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جا نبي آهن. ڇوته  قبر ۾ توهان کان هنن ڳالهين جي باري ۾ پڇيو ويندو.[1]

صحابه ٻارن کي قبر جا سوالَ سيکاريندا هئا

   حضرت راشد بن سعد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان مروي آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پنهنجو دليل سکو! ڇوته توهان کان پڇيو ويندو. ان فرمان جو اهڙو اثر ٿيو جو انصار مان جڏهن ڪنهن جو موت ويجهو ايندو هو ته هُو ان کي نڪيرين جي سوالن جا جوابَ سيکاريندا ۽ ٻارُ جڏهن عقلمند ٿي ويندو هو ته ان


 

 



[1] فردوس الاخبار ،جلد:1 ،صفحہ:69 ، حدیث :347 ۔