Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

کي به چوندا هئا ته جڏهن توکان پڇيو وڃي: تنهنجو ربّ ڪير آهي؟ ته چئجانءِ: منهنجو ربّ الله آهي. جڏهن پڇيو وڃي: تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ ته چئجانءِ: منهنجو دين اسلام آهي ۽ جڏهن هي سوال ٿئي ته تنهنجا نبي ڪير آهن؟ ته چئجانءِ: منهنجا نبي مُحمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته وقفي وقفي سان هي قبر جا سوال ۽ انهن جا جوابَ زبان تي جاري رکو ۽ پنهنجي ٻارن کي به هي سوال جوابَ ياد ڪرايو.

مون کان هي سوال پڇو ٿا حالانڪه...!!

  حضرت حَوثَره بن محمد مِنۡقَري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت يزيد بن هارون رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي خواب ۾ ڏٺو ته هو چئي رهيا هئا: منڪر نڪير مون وٽ آيا ۽ مون کي ويهاري ڪري پڇيائون: تنهنجو ربّ ڪير آهي؟ تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ ۽ تنهنجا نبي ڪير آهن؟ مون پنهنجي اڇي ڏاڙهي مان مِٽي ڇنڊيندي چيو: مون کان هي پڇيو پيو وڃي، حالانڪ مان يزيد بن هارون آهيان ۽ مان دنيا ۾ ماڻهن کي 60 سال تائين انهن سوالن جا جواب سيکاريندو رهيو آهيان. هڪ ملائڪ چيو: هي سچ چئي رهيو آهي. پوءِ چوڻ لڳا: ڪنوار جيان سمهي رھ! اڄ کان بعد توتي ڪو خوف ناهي.[2]

قبر مان سج جهڙي روشني  نڪتي

 حضرت علاء بن عبدالڪريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ شخص جنهن جي نظر ڪمزور هئي اهو چئي ٿو: منهنجي ڀاءُ جو انتقال ٿي ويو، اسان ان کي دفنائي ڇڏيو، جڏهن ماڻهو هليا ويا ته مون پنهنجي ڀاءُ جي قبر تي مٿو رکيو، اوچتو مون کي قبر جي اندران آواز آيو: تنهنجو ربّ ڪير آهي؟ تنهنجو دين ڪهڙو


 

 



[1] تفسیر درِّ منثور ، پارہ:13 ،سورۂ ابراہیم ،زیرِ آیت:27، جلد:5 ،صفحہ:38۔

[2] شرح اصول اعتقائد اھل السنہ ،جز:6،جلد:3، صفحہ :453 ،رقم :2147 ملتقطًا ۔