Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

ٻڌاءِ تو منهنجي لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي

   حضرت عبدُ الله بن عُبيد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: مون تائين هي ڳالھ پهتي آهي ته حضور نبيءِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ميت کي جڏهن قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته اهو ويهي رهندو آهي ۽ جنازي سان گڏ اچڻ وارن جي قدمن جو آواز ٻڌندو آهي، سڀ کان پهريان ان جي قبر ان کان ڪلام ڪندي چوندي آهي، اي ابنِ آدم! تنهنجو بُرو ٿئي ڇا توکي مون کان ڊيڄاريو نه ويو هو؟ ڇا توکي منهنجي سختي، بدبو، وحشت، هولناڪي ۽ ڪيڙن ماڪوڙن جو خوف نه ڏياريو ويو هو؟ هي مون اڄ جي ڏينهن جي لاءِ تيار ڪيا آهن ته ٻڌاءِ تو منهنجي لاءِ ڇا تياري ڪئي آهي؟[1]

موت جي تياري ڪري وٺو!

 حضرت عبدُالله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما روايت ڪن ٿا: رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پنهنجي قبر جي لاءِ تياري ڪيو ڇوته قبر روزانو 7 ڀيرا هي پڪاريندي آهي: اي ڪمزور انسان! مون سان ملڻ کان پهريان ئي پنهنجي زندگي ۾ پاڻ تي رحم ڪر، ڇا تو ان وقت پاڻ تي رحم ڪندي جڏهن مون ۾ بوسيده ٿي ويندي؟[2]

   حضرت سفيان ثَوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو قبر کي اڪثر ياد ڪري اهو جنّت جي باغن مان هڪ باغ ماڻيندو ۽ جيڪو ان جي ياد کان غافل رهيو اهو ان کي جهنّم جي کڏن مان هڪ کڏ لهندو.[3]

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هن دنيا ۾ آياسين، هتي رهڻ جي لاءِ نه، وڃڻ جي


 

 



[1] زُہد لابن المبارک ،  باب: ما یبشربہ المیت عند الموت…الخ، صفحہ:466، حدیث :160۔

[2] کنز العمال،کتاب: الموت،جز:15 ،جلد:8،صفحہ:235،حدیث:42137۔

[3] التذکرة للقرطبی ،  باب ما جاء فی كلام القبر کل یوم …  الخ ،صفحہ:87 ۔