Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

ويندو آهي، جڏهن ان کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته ان جو روح جسم ۾ موٽايو ويندو آهي ۽ قبر ۾ 2 ملائڪ! (يعني مُنڪر نڪير) ان جو امتحان وٺڻ ايندا آهن ۽ پوءِ هليا ويندا آهن، پوءِ جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته چڱايون ۽ بُرايون لکڻ وارا ملائڪ هيٺ لهندا ان جي ڪنڌ ۾ ڳنڍ ڏنل ڪتاب کوليندا پوءِ اهي ان کي وٺي ڪري هن طرح حاضر ٿيندا جو هڪ قائد ۽ هڪ سائق (هلائڻ وارو) هوندو. ان کان بعد پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: يقيناً توهان جي سامهون هڪ تمام وڏو معاملو آهي جنهن جي توهان طاقت نه ٿا رکو لهٰذا خُداءِ بُزرگ ۽ بَرتر کان مدد گهرو.[1]

عمل کا ہو جذبہ عَطا یاالٰہی!                                                                                                                   گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                                                                    ہو  توفیق  ایسی  عطا  یاالٰہی![2]

قبر جو معاملو آسان ناهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي سامهون ماڻهن کي مرندي ڏٺو هوندو پر ياد رکو! مرڻ آسان ناهي، اسان پنهنجي هٿن سان ميت کي ڪفن پارايو هوندو، ڪفن پارائڻ آسان آهي، پر پائڻ آسان ناهي، اسان جنازي کي ڪلهو ڏنو هوندو پر جنازي جي کٽَ تي سمهي ڪري 4 ڪلهن تي سوار ٿيڻ آسان ناهي، اسان ڪيئي ماڻهن کي قبرن ۾ لاٿو هوندو ياد رکو! معاملو واقعي تمام ڏکيو آهي.

   ٿورو تصور ته ڪيو! جيئن ڪپھ جي ڍير ۾ ڪنڊن واري ٽاري رکي ڪري اوچتو جهٽڪي سان چڪي وڃي، ائين ئي اسان جي جسم مان روح ڇڪيو ويندو، اسان جي جسم جو هر حصو درد ۽ تڪليف ۾ هوندو، تڪليف به ڪهڙي..؟ هڪ هزار تلوارن جي وارَ کان وڌيڪ سخت...!! پوءِ ان بيوسي جي


 

 



[1] حلیۃ الاولیاء،جلد:3 ،صفحہ:221 ،رقم:3775 ملتقطًا۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔