Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

بچي ويندو. اهي 4 ڪم هي آهن: (1): ڪوڙ (2): خيانت (3): چغلي (4): پيشاب جي ڇنڊن کان بچڻ.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي 4 گناھ آهن، اسان قبر کان نجات چاهيون ٿا، قبر جي روشني جا طلبگار آهيون ته اسان کي هي چار گناھ به ڇڏڻا پوندا:

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ ڪوڙ کان بچو!

   پهريون گناھ: ڪوڙ. صادق ۽ امين نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪوڙ گناھ جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ گناھ جهنّم ۾ وڃڻ جو سبب آهي. بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ جي ويجهو ڪَذّاب (تمام ڪوڙو) لکيو ويندو آهي.[2]

ڪوڙ جي تعريف، ان جا مثال ۽ عذابَ ڄاڻڻ جي لاءِ اميرِ اهل سنتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو ڪوڙو چور پڙهي وٺو!

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ خيانت کان بچو!

   قبر ۾ نقصان ڏيڻ وارو ٻيو گناھ: خيانت. يعني ڪنهن جي رکرايل امانت ۾ ناجائز ردو بدل ڪرڻ يا امانت واپس نه موٽائڻ. حضرت مجاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڌوڪو ۽ خيانت باھ ۾ آهي، ڌوڪو ڏيڻ ۽ خيانت ڪرڻ مسلمانن جا اخلاق ناهن.

جو دُکانیں خِیانت سے چمکائیں گے!                                                             کیااُنہیں زَر کے اَنبار کام آئیں گے؟

قہرِ قَهّار سے کیا بچا پائیں گے؟                                                                                            جی نہیں، نارِدوزخ میں لے جائیں گے

مالِ دنیا ہے دونوں جہاں میں وبال                                                                 آئیگا  قَبر  میں  ساتھ  ہر گز  نہ مال[3]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] تنبیہ الغافلین،صفحہ:19۔

[2] بخاری ، کتاب الادب،صفحہ:1515، حدیث:6094۔

[3] وسائلِ بخشش،صفحہ:655۔