Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ چغلي کان بچو!

   قبر جي عذاب جو سبب بڻجڻ وارو ٽيون گناھ چغلي آهي. جهيڙو ڪرائڻ جي لاءِ هڪ شخص جي ڳالھ ٻئي تائين پهچائڻ کي چغلي چوندا آهن.[1] پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: چغل خورن کي الله پاڪ (قيامت جي ڏينهن) ڪتن جي شڪل ۾ اٿاريندو.[2]

مجھے غیبت و چغلی و بدگمانی                                                                                                            کی آفات سے تُو بچا یااِلٰہی!

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ پاڪيزه رهو

   قبر ۾ نقصان پهچائڻ وارو چوٿون بُرو عمل آهي: پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ. الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اڪثر قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي.[3]

   الله پاڪ اسان کي نيڪيون ڪرڻ، گناھن کان بچڻ، پنهنجي عقيدن کي هر گهڙي پختو رکڻ، بُرن عقيدن ۽ بُرن عملن وارن کان پري رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! اڄ جي بابرڪت رات جي صدقي عذابِ قبر کان نجات ملي وڃي اسان جي لاءِ بخشش جي خوشخبري جاري ٿي وڃي..

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی!                                                                                                       مجھے نیک خصلت بنا یااِلٰہی!

تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولیٰ                                                                             مری بخش دے ہرخطا یااِلٰہی!


 

 



[1] شرح مسلم للنووی،جلد:1، صفحہ:12۔

[2] الجامع فی الحدیث، باب العزلۃ، صفحہ:534، حدیث:428۔

[3] ابن ماجۃ،کتاب الطہارۃ ،باب التشدیدفی البول،صفحہ:69،حدیث:348۔