Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ مشقت کڻندو هئين. پوءِ قرآنِ ڪريم اک ڇنڀڻ کان به جلدي آسمان جي طرف پرواز ڪري ويندو آهي ۽ الله پاڪ کان بستر ۽ چادر جو سوال ڪندو آهي ته اهي ان کي عطا ڪيا ويندا آهن، پوءِ ڇهين آسمان جا هڪ هزار مقرب ملائڪَ ان سان گڏ لهندا آهن ۽ قرآنِ ڪريم مومن کان پڇندو آهي ته تون منهنجي غير موجودگي ۾ خوف زده ته نه ٿئين مان ربَّ ڪريم وٽان تنهنجي لاءِ بستر ۽ چادر وٺڻ ويو هيس ۽ اهي وٺي به آيو آهيان لهٰذا اٿي بيھ ته جيئن ملائڪَ بستر وڇائين، پوءِ ملائڪ ان کي نهايت نرمي سان اٿاريندا آهن ۽ ان جي قبر 400 سالن جي مسافت تائين وسيع ڪئي ويندي آهي پوءِ ان جي لاءِ اَذۡفَر نالي خوشبو لڳل سائو ريشم وڇايو ويندو آهي ۽ ان جي پيرن کان سنها ۽ ٿلها ريشم جا وِهاڻا لڳايا ويندا آهن، ان جي مٿي ۽ قدمن جي طرف جنّتي نور جا 2 چراغ ٻاريا ويندا آهن جيڪي قيامت تائين ٻرندا رهندا پوءِ ملائڪَ ان کي ساڄي پاسي قبلي ڏانهن منهن ڪري ۽ ان کي جنّتي ياسمين ڏئي پرواز ڪري ويندا آهن ۽ پوءِ قيامت تائين اهو ۽ قرآن رهجي ويندا آهن. قرآنِ ڪريم ڏينهن رات ان جي خبر ان جي گهر وارن کي ڏيندو آهي ۽ ان سان ائين رهندو آهي جيئن مهربان پيءُ پنهنجي ٻار سان گڏ رهندو آهي، جيڪڏهن ان جي اولاد مان ڪنهن قرآنِ پاڪ پڙهي ورتو ته قرآنِ ڪريم ان کي خوشخبري (Good News) ٻڌائيندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي پٺيان ان جي اولاد مان ڪو برو هجي ته قرآنِ ڪريم ان جي اصلاح ۽ بهتري جي لاءِ دعا ڪندو آهي.[1]

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہوجائے                                                     تلاوت کرنا صبح  شام  میرا کام ہو جائے

(4): صدقو قبر کي روشن ڪندو آهي

   قبر جي اونداهي کي روشني ۾ ۽ قبر جي وحشت کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلائڻ جي لاءِ هڪ نيڪ عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي، فرمانِ


 

 



[1] مسندبزار ، جلد:7 ،صفحہ:97،حدیث:2655 ۔