Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

وحشت ۽ اڪيلائي کان بچي سگهون ٿا: اچو! ٻڌون ٿا:

(1): عقيدو درست رکو!

  پهريون ڪم: هي ته پنهنجو عقيدو درست رکو ۽ هميشه ان تي مضبوطي سان قائم رهو! ڇوته قبر ۾ اصل امتحان عقيدي جو ئي آهي، نماز، روزا، حج، زڪوات وغيره جو حساب به ٿيندو پر قيامت جي ڏينهن، قبر ۾ 3 سوال ٿيندا (1): تنهنجو ربّ ڪير آهي؟ (2): تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ (3): تون هن هستي (يعني آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي باري ۾ ڇا چوندو هُئين؟

   هي ٽي سوال عقيدي جا آهن. لهٰذا هميشه پنهنجو عقيدو مضبوط رکو! الله پاڪ جي متعلق، آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي متعلق، الله پاڪ جي ڪتابن، ان جي رسولن، ملائڪن جي متعلق، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم اهلِ بيتِ اطهار جي متعلق هميشه اهو ئي عقيدو رکو! جيڪو صحابهءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام ۽ صدين کان عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جو عقيدو رهيو آهي.

   جيڪڏهن اسان درست اسلامي عقائد اپنايون ۽ انهن تي هميشه قائم رهون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عذابِ قبر کان بچي وينداسين.

قبر حدِ نگاه  تائين وسيع ڪئي ويندي آهي

   حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته مصطفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ميت کي قبر ۾ رکي ڪري ماڻهو موٽندا آهن ته مڙدو انهن جي جوتن جو آواز ٻڌندو آهي پوءِ جڏهن ويهي رهندو آهي ته ان کان پڇيو ويندو آهي: تنهنجو ربّ ڪير آهي؟ اهو چوندو آهي: الله پاڪ. وري سوال ٿيندو آهي: تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ اهو چوندو آهي: اسلام. وري پڇيو ويندو آهي: تنهنجا نبي ڪير آهي؟ اهو چوندو آهي: حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ. وري سوال ٿيندو آهي: تون انهن جي باري ۾ ڇا ٿو ڄاڻين؟ اهو