Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

صبر   هڪ پاسي بيٺو  هوندو  آهي

   حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا ته انسان جي قبر ۾ عذاب ايندو آهي ته بَس جڏهن اهو سرهاڻي کان ايندو آهي ته تلاوتِ قرآن ان کي پري ڀڄائي ڇڏيندي آهي. جڏهن هٿن کان ايندو آهي ته صدقو روڪي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن پيرن کان ايندو آهي ته ان جو مسجد جي طرف هلڻ عذاب کي ڀڄائي ڇڏيندو آهي ۽ صبر هڪ ڪناري تي موجود هوندو آهي ۽ چوندو آهي: جيڪڏهن مان ڪٿان کان عذاب جي وڌڻ جي جڳھ ڏسندس ته سامهون اچي ويندس.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪُل 9 ڪم آهن: (1): عقيدو درست رکڻ (2): قبر جي سوالن کي زبان تي جاري رکڻ (3): ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ (4): راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ (5): نمازن جي پابندي ڪرڻ (6): زڪوات ادا ڪرڻ (7): روزا رکڻ (8): ماڻهن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ (9): ۽ صبر ڪرڻ. ان کان علاوه به ڪيئي نيڪ اعمال آهن، جيڪي عذابِ قبر کان بچائيندا ۽ قبر جي روشني جو سبب بڻجندا آهن. اسان کي قبر جي تياري ڪرڻي آهي، اڄ ۽ هاڻي کان شروع ڪرڻي آهي، لهذا اسان بيان ڪيل گهٽ ۾ گهٽ 8 نيڪ ڪم اپنايون ۽ هي 4 گناھ ڇڏي ڏيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به سنورجي ويندي، قبر به روشن ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته قيامت جي امتحان ۾ به ڪاميابي نصيب ٿي ويندي. الله پاڪ اسان کي قبر ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

4 ڪم ڇڏي ڏيو!

   فَقيه ابو اللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو قبر جي اڪيلائي ۽ گهٻراهٽ کان بچڻ چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته 4 ڪم ڇڏي ڏي. جيڪو ائين ڪندو اهو (الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان) قبر جي اڪيلائي ۽ گهٻراهٽ کان


 

 



[1] معجمِ اوسط،جلد:6 ،صفحہ:470 ،حدیث:9438۔