Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

رمضان جي روزن جا فضائل

   اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! وري آمدِ رمضان آهي، نيڪين جي موسمِ بهار اچڻ واري آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ رمضانُ المبارڪ جي روزن ۽ اعتڪاف جا ڪجھ فضائل ٻڌون ٿا: مختلف روايتن جي مطابق روزيدار جو سمهڻ عبادت آهي * روزيدار جي دعا ۽ عمل قبول ٿيندو آهي * روزيدار جي لاءِ ملائڪَ سج لهڻ تائين مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن * روزيدارن جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن * روزيدار کي الله پاڪ جنّتي ميووا کارائيندو * روزيدار کي الله پاڪ جنّتي شراب مان سيراب ڪندو * روزيدار جي لاءِ قيامت جي ڏينهن سون جو دسترخوان لڳايو ويندو * روزيدار جو روزو ان جي گذشته گناھن جو ڪفّارو بڻجي ويندو * روزيدار جي چهري کي الله پاڪ جهنّم کان 70 سالن جي مسافت تائين پري ڪري ڇڏيندو.[1]

   جيڪو نادان ڪنهن شرعي مجبوري جي بغير رمضان جو روزو ڇڏي ڏيندو آهي اهو سخت گنھگار ۽ عذابِ نار جو حقدار آهي. روايتن جي مطابق جيڪو شرعي مجبوري جي بغير رمضان شريف جو هڪ روزو ضايع ڪري ڇڏي ته هاڻي سڄي عُمر روزو رکندو رهي، تڏهن به ان ڇڏيل هڪ روزي جي فضيلت نه ٿو ماڻي سگهي.[2]

 الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان کي پنهنجي قهر ۽ غضب کان بچائي، ماھِ رمضانُ المبارڪ جا پورا روزا خوش دلي سان، ذوق ۽ شوق سان رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .


 

 



[1] فیضان رمضان ، صفحہ:84تا86 ماخوذاً۔

[2] فیضان رمضان ، صفحہ:88 تا89 ماخوذاً ۔