Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪم به خوب ذوق ۽ شوق سان ڪندا ڪريو  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم رسالو: نيڪ اعمال به آهي. هي مختصر رسالو مڪتبةُالمدينه کان طلب ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني گهرو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amaal ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوال ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

پورو گهراڻو سُڌري ويو

   ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال جي رسالي جو تعارف ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت