Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

چوندو آهي: مان انهن کي سڃاتو ۽ جيڪو ڪتاب اهي کڻي آيا مون ان جي تصديق ڪئي. جيئن ته ان جي قبر کي حدِ نگاھ تائين وسيع ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو روح مومنن جي روحن سان ملايو ويندو آهي.[1]

درست عقيدن  واري مومن جي قبر  جو حال

   حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ انصاري جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا ۽ قبر تائين گڏ تشريف وٺي ويا ان وقت تائين قبر نه کوٽي وئي هئي لهٰذا پاڻ سڳورا تشريف فرما ٿيا ۽ ماڻهو به پاڻ وٽ ائين خاموش ويهي رهيا ڄڻ انهن جي مٿن تي پکي ويٺل آهن. پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زمين ڏي نظر فرمائي ۽ هڪ تيلي سان زمين کُوٽڻ لڳا پوءِ آسمان جي طرف نگاھ کنيائون ۽ 3 ڀيرا هيئن دعا فرمائي: اَعُوْذُ بِاللهِ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ يعني مان عذابِ قبر کان الله پاڪ جي پناھ گهران ٿو. پوءِ فرمايائون: جڏهن مومن  دنيا کي پٺيان ڇڏي آخرت جي طرف وڌندو آهي ته حضرت ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام ان جي سرهاڻي وٽ اچي ڪري ويهي رهندو آهي، انهن سان گڏ ٻيا ملائڪ به هوندا آهن جن وٽ جنّتي تحفا، خوشبو ۽ لباس هوندو آهي، اهي تمام حدِ نگاھ تائين صفون بڻائي ڪري ويهي رهندا آهن، پهريان حضرت ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام ان کي خوشخبري ٻڌائيندا آهن پوءِ ٻيا ملائڪ ان کي خوشخبري ڏيندا آهن ته ان جو روح حضرت ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام جي طرف کان ڏنل خوشخبري سبب خوش ٿي ڪري مشڪ مان ڦڙو وهڻ جيان وهي ڪري نڪرندو آهي، پوءِ ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام سندس روح کڻي ڪري اک ڇنڀ ۾ ٻين ملائڪن جي حوالي ڪندو آهي اهي فوراً ان کي جنّتي تحفن ۾ ويڙهي وٺندا آهن ۽ ان وقت زمين ۽ آسمان جي درميان هڪ خوشبو پکڙجي ويندي آهي، ملائڪ چوندا آهن: هيءَ خوشبو ڪيتري سُٺي آهي. ٻيا ملائڪ چوندا آهن: هي خوشبو اڄ قبض ڪيل فلاڻي مومن جي روح جي آهي، جڏهن ان کي آسمان تائين آندو ويندو آهي ته آسمان جا


 

 



[1] شرح الصدور،صفحہ:91۔