Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿون هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه!  آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز (Channels) جي جڳھ تي مدني چينل هلڻ لڳو.[1]

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                                                                                            نیک ہو امَّت اے نانائے حسین

مدنی انعامات کی ہو ریل پیل                                                                                                 نیک ہو امَّت اے نانائے حسین[2]

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ هاڻي مدني انعامات کي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي رات عبرت ۽ نصيحت جي لاءِ قبرستان وڃڻ مسلمانن جو طريقو آهي، بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! قبرستان جي حاضري جا مدني گُلَ ٻڌون ٿا:

قبرستان جي حاضري جا مدني گُلَ

2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): قبرن جي زيارت ڪيو ڇوته هي دنيا ۾ بي


 

 



[1] دلوں کا چین، صفحہ:4۔

[2] وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔