Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

اعتڪاف جا ڪجھ فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ دنيا ڀَر ۾ هزارين مقامن تي اجتماعي اعتڪاف ڪرايو ويندو آهي، اعتڪاف گناھن کان بچڻ ۽ ماھِ رمضان نيڪين ۾ گذارڻ جو بهترين ذريعو آهي، هاڻي کان ماھِ رمضان يا گهٽ ۾ گهٽ آخري ڏهاڪي جي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ جي نيّت ڪري وٺو! الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنّم جي وچ ۾ 3 خندقون آڙ ڪري ڇڏيندو، هر خندق جي مسافت(يعني دُوري) مشرق ۽ مغرب جي فاصلي کان به وڌيڪ آهي.[1] امُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ يعني جنهن ايمان جي حالت ۾ ۽ ثواب جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پويان گناھ بخشيا ويندا.[2] هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: جنهن رمضانُ المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪري ورتو اهو اهڙو آهي ڄڻ 2 حج ۽ 2 عُمرا ڪيا.[3]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

  پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان


 

 



[1] شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الاعتکاف، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:3965۔

[2] جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔

[3] جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔