Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

دروازا ان جي لاءِ کُلي ويندا آهن، هر دروازو هي چاهيندو آهي ته ان جو روح مون مان گذاريو وڃي، جيئن ته ان کي سندس عمل جي دروازي مان گذاريو ويندو آهي ته اهو روئڻ لڳندو آهي ۽ جنهن جنهن آسمان وارن وٽان گذرندو آهي سڀ اهو ئي چوندا آهن ته ڀليڪار ان جان کي جنهن پنهنجي ربّ ڪريم جو حڪم مڃيو ايستائين جو ان کي سدرةُ المنتهٰي تائين پهچايو ويندو آهي، حضرت ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام ۽ انهن جا معاون ملائڪ عرض ڪندا آهن: الهي! اسان فلاڻي بن فلاڻي مومن جو روح قبض ڪيو آهي. حالانڪه ربّ ڪريم انهن کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو. الله پاڪ ارشاد فرمائيندو آهي: ان کي زمين جي طرف موٽائي ڇڏيو، مون انهن ٻانهن کي انهيءَ مان پيدا ڪيو، انهيءَ ۾ موٽائيندس ۽ انهن کي انهيءَ مان ٻيهر موٽائيندس. دفنائڻ وارا جڏهن موٽندا آهن ته مڙدو انهن جي جوتن ۽ هٿ ڇنڊڻ جو آواز به ٻڌندو آهي، پوءِ ان وٽ 3 ملائڪ ايندا آهن، 2 رحمت جا ۽ هڪ عذاب جو، ٻانهي جو نيڪ عمل ان کي پنهنجي حفاظت ۾ آڻي ڇڏيندو آهي، نماز قدمن وٽ، روزو مٿي وٽ، زڪوات ساڄي پاسي، صدقو کاٻي پاسي ۽ نيڪي ۽ حُسنِ اخلاق سيني وٽ اچي ويندا آهن، هاڻي عذاب جو فرشتو جنهن پاسي کان به ايندو آهي نيڪ عمل ان کي روڪي ڇڏيندو آهي، اهو ملائڪ ايترو وزندار هٿوڙو کڻي بيٺو هوندو آهي جو جيڪڏهن مِنٰي ۾ جمع ٿيڻ وارا ملي ڪري به ان کي کڻڻ چاهين ته کڻي نه سگهن، پوءِ اهو چوندو آهي: اي نيڪ ٻانها! جيڪڏهن نماز، روزو، زڪوات ۽ صدقو تنهنجي حفاظت نه ڪن ها ته مان هن هٿوڙي سان توکي اهڙي مارَ ڏيان ها جنهن سان قبر ۾ باھ ڀڙڪي پئي ها، اهو رحمت جي ملائڪن کي چوندو آهي: هي توهان جي لاءِ ۽ توهان هن جي لاءِ آهيو، جيئن ته اهو اتان کان رخصت ٿي ويندو آهي ۽ رحمت جو هڪ ملائڪ ٻين کي چوندو آهي: الله پاڪ جي وليءَ سان نرمي ڪجو ڇوته هي تمام وڏي مصيبت مان آيو آهي. ملائڪ پڇندو آهي: تنهنجو ربّ ڪير آهي. ٻانهو چوندو آهي: الله پاڪ: اهو پڇندو آهي: تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ مُردو جواب ڏيندو آهي: منهنجو دين اسلام آهي.